جَي جي سنڌي معنيٰ
جيڪڏهن، جيتوڻيڪ، اگر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
if, in case that, in the event of, provided, on condition that, so long as, as long as, although, though.
جَي جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]

ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]

ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو،
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]

ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

ماڳھِين جَي مُئِي، ھُوندَ نَہ پيئِي مامِري،
ڇڏِئو جَي ڪُھِي، تَہ ھيڪارِي ھورُ لَھي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 4 ]
ڇڏِئو جَي ڪُھِي، تَہ ھيڪارِي ھورُ لَھي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 4 ]
ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ وَسِيلو وِچِ،
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،
جَي ھُتي جَي ھِتِ، تَہ ڳالِهہ مَڙِيائِي ھيڪَڙي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 10 ]

ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين،
ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي،
جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ سُڻايان دِلِ جا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 25 ]

راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ،
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]

ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي،
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]

چارَڻَ وَسَ نَہ ڪا، تَہ ڪا ڪِيرَتِ جِي ڪَري،
جَنِي سَندو مَڱِڻو، ھَٿِ تَنِي جي آھِ،
جَي ڳارائينِسِ تَہ ڳاءِ، جَي سُمَهارِينِسِ تَہ سُمَهي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 21 ]