جيڪو جي سنڌي معنيٰ
اهو جو، ڪوبہ، ڪھڙو بہ. (ضمير موصول)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Whoever, whatever.
جيڪو جا بيتن ۾ حوالا
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

ڪِئان لَھَندِي سي، يا اَلا ڪِئان، وَحدَہٗ جٖي وَڍِيا،
جِتي وَحدَہٗ وَڍَ ٿِئي، جيڪو مُون کي ني،
سِسي ڏِيان ساھَ سين، يا اَلا، آئُون تَنھِن پانڌِيءَ کي،
[ سُر سريراڳ، وايون، 9 ]
جِتي وَحدَہٗ وَڍَ ٿِئي، جيڪو مُون کي ني،
سِسي ڏِيان ساھَ سين، يا اَلا، آئُون تَنھِن پانڌِيءَ کي،
[ سُر سريراڳ، وايون، 9 ]
ڪوڏَرِ نَہ ڪاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽاڪِئان،
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]
تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي مِيان، پانڌِي مِيان،
ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين،
ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو آيو پَھِي پَرِئان ٿِي مِيان،
حُڪُمُ ڏِيندُءِ ھَٿَ ۾، ھاڻي ھَلُ ھِئان ٿِي مِيان،
لَکين لُڊوڻُون مَڻي، مَٿي واٽَ وِئا ٿِي مِيان،
جيڪو پُڇان سو چئَي، آيو ڪو نَہ اُئان ٿِي مِيان.
[ سُر راڻو، وايون، 5 ]

جيڪو ڏُٿُ ڪَري، تَہ ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو،
چَپَرُ ڪِينَ ڏي، سُوکِڙِيُون سُتَنِ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 8 ]
چَپَرُ ڪِينَ ڏي، سُوکِڙِيُون سُتَنِ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 8 ]
سُتي اِنَ سَپَ تان، جيڪو رَکي پيرُ،
جان سِيئَن وَٺي نَہ ويرُ، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لَڄي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 24 ]
جان سِيئَن وَٺي نَہ ويرُ، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لَڄي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 24 ]
سُتي اِنَ سَپَ تان، جيڪو رَکي بانھَن،
جان سِيئَن ڪاريسِ نَہ دانهَن، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لڄي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 25 ]
جان سِيئَن ڪاريسِ نَہ دانهَن، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لڄي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 25 ]
چوڏِينھَن چَنڊَن اُڀِري، اُوڻَٽِيھَن پَسي نَہ عامَ،
مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 18 ]
مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 18 ]
English Meaning
Whoever, whatever.