Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آھِين ھِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَھو…
- (بيت) اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو…
- (بيت) اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون…
- (بيت) اُونِهي ۾ اوھَرِي، ڪَھِي ڪَچي…
- (بيت) تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان،…
- (بيت) جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ…
- (بيت) جَا ڪَچِي ڪانِي ڪانھَنۡ، سا…
- (بيت) جَي آکو تَہ ڪوھُ، ڪَچو…
- (بيت) ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ…
- (بيت) پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي…
- (بيت) پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو…
- (بيت) ڀانيُمِ نَہ ڀيلو، مُون کي…
- (بيت) ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي…
- (بيت) ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين، ڀَلا ۾…
- (بيت) ڪو جَو وَرِئو واءُ، جِيئَن…
- (بيت) ڪو جَو وَرِئو واءُ، جِيئَن…
- (بيت) ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو…
- (بيت) ڪَچي ساڻُ ڪَھي، پَڪو پُڇي…
- (بيت) ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو…
- (بيت) ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو…
- (بيت) ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو…
- (بيت) ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي…
- (بيت) ھاواڻا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا،…
- (بيت) ھَڻَندي ٿَڪَمِ ھَٿَ، ھِينئَڙي حُجُون…
- (بيت) ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، قُوَتَ رَھِيَم…
- سُر سھڻي جَي ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار جو بيت
ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو،
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن دلو ڪچو آهي تہ ڇا ٿيو؟ محبوب جي نظر پڪي ۽ پختي آهي (جيڪڏھن ڌڻيءَ جو لطف آهي تہ پوءِ وسيلو ڪيترو بہ ڪمزور هجي تہ فڪر نہ آهي.). ساھڙ منھنجو پريتم آهي، ڏم کي ڏسڻ ئي گناھ آهي. جيڪڏھن تيز طوفان هوندو يا ڇوھ درياه تہ بہ پرينءَ ڪنڌيءَ ڏانھن وينديس.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1581
ڪَچُوْ تَڪُوْہُ پَڪُوْ نَظَرُ پِرْيَجُوْ﮶
سَاهَرُ مُھْجُوْ سُپِرٍ ڎَمَ ڎِٽٖيْ ئِيْ ڎُوْہُ﮶
جٖيْ ڇَٽُوْ جٖيْ ڇُوْہُ تَہ پُوْرِيْدِيَسِ پَارُ مَنٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कचो त कोहु। पको नज़रु प्रींअ जो।
साहड़ु मुंहिंजो सुपिरीं। ड॒म डि॒ठेई डो॒हु।
जे छटो जे छोहु। त पूरींद्यसि पारु मणे।
ROMAN SINDHI
Kacho ta kooh'u, pako nazar'u pireen'a,
Saaharr'a munhinjo supireen, ddam'a ddithhyaee,
Jay chhatto jay chhooh'u, ta pooreendiyas'ay paar'u manni.
TRANSLATIONS
What, if the jar is unbaked? What really counts is the Beloved's condescession that would serve as the baked jar. Sahar is my real Lord. It is a sin to see (much less associate with) Dam (or the baser self or Satan). (Whatever condition of the river may be), whether a gale is raging over it or the rivers' current is impetuous, I shall press my way to the opposite bank, (where my beloved is).
The unbaked pot, water's force stood not, it broke into bits,
Exhausted Suhni, all efforts gave up, Waves from all sides the maid engulfed,
In her mind she begins to see death's angel's face.
So what if the pitcher is unbaked?
Beloved's beneficence is as good as a baked pitcher for me,
My beloved is Sahar, it is a sin to look at Dum,
Be it a gale or uproar, will cross over to the bank.
لو جرة زخرفية غير مستوية لايهمني؟ تكفيني عيون حبيبي ثابتة .
(تكفيك رحمة اﷲ عز وجل) الحبيب هو المحبوب عندي.
أنا مذنبة لو أنظر إلى دم (زوجها الأول) ولو العاصفة شديدة أو طغيان أذهب إلى الشاطئ الآخر.
هي على كل حال تريد أن تلحق حبيبه مهما كان العاصفة وطغيان الماء فى زوبة أو فى دردور هي تمشي كي تلحق حبيبها ميهار.
پکی نظر ماہی دی لوڑاں کچیوں خوف نا کھاواں
پیار ماہی دا لوں لوں رچیا جھات نا ڈم تے پاواں
بھاویں ہڑ طوفانی اٹھن ماہی پار لگاو
گھڑا کچا ہے لیکن میرے پیارے
میں اس طوفاں میں ہوں تیرے سہارے
نہیں اب ڈم سے مجھ کو کوئی نسبت
سمجھتی ہوں ترے دلکش اشارے
میں جن کی جستجو میں کھو گئی ہوں
خوشا وہ دور افتادہ کنارے
کچے گھڑے کی کیا پروا، پی کی رہے نظر،
ڈم کے قریب کو پاپ میں جانوں، پریتم ہے میہر،
طوفاں ہو کہ بھنور، میں جاؤں گی پاس سجن کے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.