Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي جو بيت
جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا،
سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ،
جِيئَن پارو پَوارا ڪَري، تِيئَن سُمَرِڙِيُون سوِرِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اُونڌي ڪَنڌِ اورِينِ،
جُهوپا نَہ جوڙِينِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي جوڳي پنھنجي جيئڻ جو فڪر نٿا ڪن ۽ ڪيڏو بہ تھ سيارو ڇو نہ هجي، هو اتر جي ٿڌي هوا کان پاڻ کي نٿا بچائن. بلڪ جيئن جيئن سيءُ زور وٺي ۽ ٿڌ گهڻي پوي، تيئن هو پنھنجيون مالهائون وڌيڪ چورين ۽ ڦيرائين ٿا (تڪڙو تڪڙو ڌڻيءَ جو نام جپن). هو ڪٿي بہ پنھنجي رهڻ لاءِ ڪا جهوپڙي ۽ اجهو ڪونہ ٿا اڏن، انهيءَ ڪري تہ متان مالڪ سان ملڻ ۾ (ڪٿي ترسڻ سان) اجائي دير نہ ٿي وڃي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2754
سَانکُوْ ڪَنِ نَسَاهَجُوْ اُتَرَ اُوْٽَ نَڎِيْنِ﮶
جِيَ پَارُوْ پَوَارَا ڪَرٖيْ تِيَ سُمَرِرِيٌ سُوْرِيْنِ﮶
جُوْ پَانجُوْرِيْنِ مَڇُنِ پُوْئِيْنِ وِتُ وِصَالَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जीअं उतरिड़ा ओतीनि। तीअं सामी घणू सनिरा।
सांगो कनि न साह जो। उतर ओट न डी॒नि।
जीअं पारो पवारा करे। तीअं सुमरिड़ियूं सोरीनि।
लाहूती लतीफ़ चए। ऊंधे कंधि ओरीनि।
झूपा न जोड़ीनि। मछुणु पोएनि वितु विसाल में।
ROMAN SINDHI
Jeean utarirra oteen, teean saami ghanno sanra,
Sango kan na saah'a jo, utar'a oatt'a na Deen,
Jeean paaro pawara kare, teean sumarirriyoon soreen,
Lahooti latif'u chae, Oondhi kandh oreen,
Jhoopa na jorreen, machhunn poyeen wit'u wiSaal'a me.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي…
- (بيت) اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين…
- (بيت) اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اَمُلَ ڪِي…
- (بيت) اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي…
- (بيت) اُتَرِ وِئا آھِين، ڪَڏِھِين اِيندا…
- (بيت) اِجهو آدَمُ آيو، ڪُلِهي تي…
- (بيت) اِيءُ ڏٺوئِي ڏوھُ، جِيئَن رامُ…
- (بيت) جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ،…
- (بيت) جِتي ايرُ نَہ ڀيرُ، سا…
- (بيت) جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو،…
- (بيت) جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ،…
- (بيت) سامِي چَئجي تَنھِن کي، جو…
- (بيت) سامِي چَئجي تَنھِن کي، جَنھِن…
- (بيت) سَناسِي سيئِي، جي آدَمان اَڳي…
- (بيت) سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو،…
- (بيت) عاقِي ٿِيءُ اُسِتادَ سين، پُٺِيرو…
- (بيت) مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا…
- (بيت) مَيِتُ موٽِي آيو، ڪَھِي ڪانڌِيَنِ…
- (بيت) ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا…
- (بيت) وِلِهُون ويلا واءَ، سامِيَنِ سَٺا…
- (بيت) پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ…
- (بيت) کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي…
- (بيت) ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري،…
- (بيت) ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ…
- (بيت) ”لا“ لَنگهي لالُ لَکِئو جَنِ،…
