ڪوڙي جي سنڌي معنيٰ
ڇاتِيءَ سان. سيني سان، اُرَھَ سان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The breast, bosom, chest.
ڪوڙي جا بيتن ۾ حوالا
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو،
ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو،
ھِرِکي ويئِيين ھارَ تي، تو ڪِيئَن راجا رُسايو،
دانا ھو داسَڙو، تو ڪِيئَن ھِيڻو ھُلايو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، مَولا مُحِبُ مِلايو.
[ سُر ليلا، وايون، 4 ]
ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو،
ھِرِکي ويئِيين ھارَ تي، تو ڪِيئَن راجا رُسايو،
دانا ھو داسَڙو، تو ڪِيئَن ھِيڻو ھُلايو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، مَولا مُحِبُ مِلايو.
[ سُر ليلا، وايون، 4 ]
ڪيھَرَ ڪوڙي لَڳُ، جو ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گُهري،
پَسي وَڏو وَڳُ، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 9 ]
پَسي وَڏو وَڳُ، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 9 ]
English Meaning
The breast, bosom, chest.