ڪُوڙِي جي سنڌي معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙ، ڪُوڙ ڳالهائيندڙ، جُوٺِي، ڪُساکي، ڪَذاب، کوٽي. فريبڻ، دغابازِ. جعلي، مصنوعي، بناوتي، ڪم جي ڪاھل، ٽوٽِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Untrue, lying, a liar, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere.
ڪُوڙِي جا بيتن ۾ حوالا
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھاڙِھي ھَڏِ مَ ھَلُ،
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڳالِهہ مَ سَلُ،
جانِبَ لاءِ مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 17 ]
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڳالِهہ مَ سَلُ،
جانِبَ لاءِ مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 17 ]
جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ، جِندا جوڳُ مَ پاءِ،
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ،
پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان رامُ رُسائِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 20 ]
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ،
پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان رامُ رُسائِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 20 ]
جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا،
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾،
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 6 ]
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 6 ]
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ،
ساري سَناسِيَنِ جِيئَن، لائِقُ رَکِجِ لانگَ،
تَہ چاريئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪَرين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 5 ]
ساري سَناسِيَنِ جِيئَن، لائِقُ رَکِجِ لانگَ،
تَہ چاريئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪَرين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 5 ]
سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن لِڪِئو لَياڪا پائيين،
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو،
لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو،
ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو، شَهبازَ جو سَٽَڪو،
وَڻِ چَڙِهئو وائي ڪَري، لامُنِ ۾ لَٽِڪِئو،
ھاري ويھُ مَ ويسَرو، ڏِيندِيئِي جهارِ جَهٽَڪو.
[ سُر ڪارايل، وايون، 3 ]