Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُون ڀائِي جوڳِي ٿِئو، لائي…
- (بيت) جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين…
- (بيت) جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ…
- (بيت) جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ…
- (بيت) جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو،…
- (بيت) جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن…
- (بيت) جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ…
- (بيت) جيڪي جوڳُ مَ پاءِ، نان…
- (بيت) جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ…
- (بيت) جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ري،…
- (بيت) رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا…
- (بيت) سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ…
- (بيت) لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو…
- (بيت) ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ…
- (بيت) ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا،…
- (بيت) ھِي ڪَنَ گاڏُھان وِڪِڻِي، ڪَنَ…
- سُر رامڪلي جَي جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ جو بيت
جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ، جِندا جوڳُ مَ پاءِ،
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ،
پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان رامُ رُسائِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 69 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سامي سچي ۽ صحيح جوڳ کان سواءِ مٿي جا وار موڙهل (جهنڊولا) نٿا ٿي سگهن، باقي جوڳ جي لاءِ (هروڀرو) وارن کي (هٿرادو) موڙهل نہ بڻاءِ! تون ڪڏهن بہ ڪوڙي ڳالهہ نہ ڪر، پر ساڳئي وقت سچي ڳالهہ (اندر جو مشاهدو) ڪنھن سان بيان نہ ڪر. جڏهن تون ائين ڪندين تہ هو تنھنجي مراد پوري ڪندا. (هن راھ تي هلندي هر وقت خيال ڪر) متان مالڪ کي ناراض ڪري وجهين!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2587
جِندَّا هُوْ مَجُوْکَہ رِءَ جِندَّا جُوْکُہ مَپَاءِ﮶
ڪُوْرِيْ ڪِجِمَ ڪَڎِہٍ سَچِيْ ڪَامَ سَلَاءِ﮶
پَھْڃَنُ پَارِيْدَاءِ مَتَا رَامُ رُسَائِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जिंदा हो म जोग॒ रिअ। जिंदा जोगु॒ म पाए।
कूड़ी किजि म कडि॒हीं। सची का म सलाए।
पह्जणु पारींदाए। मतां रामु रुसाइयें।
ROMAN SINDHI
Jinda ho ma jogg'a ree'a, jinda jogg'u ma paa'e,
Koorree kij ma kaDheen, sachee ka ma salaa'e,
PahJhhann'u pareenda'e, mataan raam'u rusaeen.
TRANSLATIONS
O my mind! Do not divest yourself of the typical’ traits of the true ascetics, and till then do not wear the jogi’s raiment. Never utter falsehood; nor give out the truth (about the Divine secrets). In case you offend Allah, He may become retributive (and discard you).
اے دل! جھوٹا جوگ مت اپنا، جوگ بِنا مت جی!
نہ تو سچی بات بتا اور، نہ کہہ تو جھوٹی،
کیا نہ رام کو راضی، تو لینگے تجھ سے حساب۔