Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ جو بيت
ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو جوڳُ،
سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ،
جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي ريبئو.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي ڪاپڙي، ڪَن ٽوپائڻ (تن ۾ والا پائڻ) اهو زنانو جوڳ (عورتن وارو جوڳ يعني ظاهري ۽ رسمي سينگار) آهي. سچي ساميءَ لاءِ لازمي آهي تہ ٻيائي (دُوئي) ۽ سڻڀ (دوڳ) کي سڃاڻي (۽ ان کان پاسو ڪري). پر جنھن نامراد ۽ نڀاڳي کاڌي پيتي کي پيارو ڪيو، تنھن ڄڻ تہ پنھنجي مالڪ سان ٺڳي ڪئي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2596
ڪَنَّ ڪُوْرَائٖي﮼ ڪَاپَرِيْ اِيُ زَنَانٌ جُوْکُہ﮶
سَامِيْ سُڃَانَنُ پِئُوْ اٖيْڪُ دَهِيْ ٻِئُوْ دُوْکُہ﮶
جَهْ وَنُ ڀَايُوْ ڤُوْکُہ رَامُ تَهٍ کٖيْ رٖيْبِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कन कोराइयें कापड़ी। ई ज़नानू जोगु॒।
सामी सुञाणणु पिओ। ऐकु दूई बि॒ओ दोगु॒।
जंहिं वणु भांयो फोगु॒। रामु तंहीं खे रेबओ।
ROMAN SINDHI
Kan'a korayeen kaaprri, aee zanaano jogg'u,
Saami sunjannan'u piyo, aik'u dooyi Biyo dogg'u,
Jenhn wann'u bhaniyo Phogg'u, raam'u tanheen khe rebiyo.
TRANSLATIONS
O ascetic! Merely to have the ears lobed is an asceticism fit for women. (That should in fact be just a stepping stone for you). O good man! You are to be tested through the curd and whey (i.e. the dainties.) (Whether they are your sole interest in life). Whoso prefer the scum, Allah shall certainly put them off the track. (But Allah is pleased with those jogis who realize the unimportance of these articles).
اے طائر لاہوتی اس رزق سے ہے موت اچھی
جس رزق سے آتی ہو پرواز میں کوتاہی
(Iqbal)
O heavenly bird! Death is far better than that livelihood which shortens your capability to soar high.
کاپڑی! کان کس لئے چھدوائے
تجھ کو زیبا نہیں زنانہ جوگ
فرق ہے جوگ جوگ میں جوگی
کم ہی پہچانتے ہیں اس کو لوگ
اس کو دھوکے میں ڈالتا ہے رام
جو نہ سمجھے کہ پیڑ ہے یا پھوگ
یہ نسوانی جوگ ہے، چھدوائے گر کان،
تج دے جھوٹ کپٹ کو جوگی، سچ کو تو پہچان،
ٹھکرا پھوگ تو نادان، تب تو رام کو پائے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُون ڀائِي جوڳِي ٿِئو، لائي…
- (بيت) جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين…
- (بيت) جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ…
- (بيت) جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ…
- (بيت) جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو،…
- (بيت) جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن…
- (بيت) جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ…
- (بيت) جيڪي جوڳُ مَ پاءِ، نان…
- (بيت) جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ…
- (بيت) جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ري،…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ،…
- (بيت) رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا…
- (بيت) سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ…
- (بيت) لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ…
- (بيت) ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا،…
- (بيت) ھِي ڪَنَ گاڏُھان وِڪِڻِي، ڪَنَ…
