Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُون ڀائِي جوڳِي ٿِئو، لائي…
- (بيت) جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين…
- (بيت) جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ…
- (بيت) جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ…
- (بيت) جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو،…
- (بيت) جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن…
- (بيت) جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ…
- (بيت) جيڪي جوڳُ مَ پاءِ، نان…
- (بيت) جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ…
- (بيت) جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ،…
- (بيت) رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا…
- (بيت) سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ…
- (بيت) لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو…
- (بيت) ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ…
- (بيت) ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا،…
- (بيت) ھِي ڪَنَ گاڏُھان وِڪِڻِي، ڪَنَ…
- سُر رامڪلي جَي جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ جو بيت
جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ،
ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ،
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، اسارو ”آئُون“ چُئين.
رسالن ۾ موجودگي: 81 سيڪڙو
سمجهاڻي
صحيح سچا جوڳي (عام وانگر کائيندڙ پيئندڙ) جيئرا نہ هوندا آهن (اهي فنا يا نيستيءَ ۾ هوندا آهن) تون جوڳ ۾ داخل ٿيو آهين تہ جيئرو ڪيئن ويٺو آهين (مطلب کائڻ پيئڻ ۽ جيئڻ کي ڇڏ). اي موڳا موڙهل، پنھنجي اندر جي ڪنن سان اهو اهم پيغام ٻڌ ۽ سمجهہ. پنھنجو وجود وڃاءِ (هستيءَ کي فنا ڪر) ۽ پاڻ کان پري ٿيءُ (پاڻپڻي جي ويجهو نہ اچ). ظاهري صورت ۽ لباس وارو هيءُ انسان (يا هيءُ ظاهري جڳ جھان) آهي ئي ڪونہ، پر اي بي خبر ۽ غافل انسان، تون ’آئون‘يعني وجود يا هئڻ جي ڳالهہ ويٺو ڪرين!
[روميءَ جي فڪر جو اهو خاص نڪتو آهي تہ هو هِن جھان کي معدوم ۽ هُن جھان کي موجود چئي ٿو، جنھن جو مثال هو واچوڙي ۾ مٽيءَ سان ڏيئي ٿو. هوا جي ڪري مٽي ڦرڻ ۽ مٿي چڙهڻ لڳندي آهي، اسين سمجهندا آهيون تہ مٽي ڦري رهي آهي، جيتوڻيڪ ان کي هوا ڦيرائي رهي آهي. مٽيءَ جو ڦرڻ هوا تي منحصر آهي. ان ڪري هو چوي ٿو هن جھان جو مثال مِٽي وانگر آهي جيڪو ڦرندي نظر اچي ٿو، پر هوا (جيڪا اصل آهي ۽ مٽيءَ کي ڦيرائي ٿي) اسان کي نظر ڪانہ ٿي اچي.
اين جھان نيست چون هستان شده،
وآنجھان هست بس پنهان شده.
(دفتر دوم ب 1280)
معنيٰ: هي معدوم (نيست) جھان موجود نظر اچي ٿو ۽ هو اصلي موجود جھان لڪيل ڇپيل (معدوم) آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2588
جِندَّا هُوْ مَجُوْکَہ رٖيْ پَائٖيْ جُوْکُہ مَجِيُّ﮶
هَارِئَا هُنِ ڪَنَنِ س﮼ سُنن سَنِيْهُوْ اِيُ﮶
وِڃَائٖيْ وُجُوْدَ کٖيْ پَانَا پَاسٖيْ ٿِيُ﮶
هَڎِہْ ڪُوْنِهْ هِيُ اَسَارُوْ آَءٌ چُوْءٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जिंदा हो म जोग॒ रे। पाए जोगु॒ म जीउ।
हारिआ हुनि कननि सें। सुणु सनेहो ईउ।
विञाए विजूद खे। पाणां पासे थीउ।
हडि॒हीं कोनिहे हीउ। असारो “आऊं” चुएं।
ROMAN SINDHI
Jinda ho ma jogg'a ree, paaye jogg'u ma jee'u,
Haariya hun kann seen sunn'u saneeho aee'u,
Winjaaye wujood'a khe, pannaan paase thee'u,
HaDheen konhe hee'u, asaaro Aaoon chueen.
TRANSLATIONS
The jogis should not feel and behave like living persons. After you renounce the world, be non-existant. (You should annihilate the self in you). O imbecile! Hear attentively with internal ears what admonition (I administer to you.) “Annihilate and throw over board the ‘self’ completely. You do not exist at all as a separate entity and yet, O negligent person you use’l’ or the first person in speech “i.e. you demonstrate ego!”
العابدون ليسوا بأحياء لاتعيش ولاتحيىٰ بعدما حصلت الرشد والهداية.
يا مغفل اسمع هذه الرسالة بأذنيك!
اعدم نفسك ووجودك أبعد نفسك من “الأنانية” هذا الوجود الجسم لا ثبات له.
يا غافل! أنت تقول“أنا”! عيب عليك!
جن کا مسلک ہی بے نیازی ہو
ان کو اپنے وجود سے کیا کام
جوگ لیتے ہی مرگئے جوگی
لے نہ اب تو بھی زندگی کا نام
نغمۂ غم سے آشنا کر دے
تیرے کانوں کو بھی وہی پیغام
جوگ لیا تو جان گنوائی، جینے سے کیا کام،
کان لگا کر سن لے جوگی! جوگ کا یہ پیغام،
جوگ میں اپنا آپ گنوادے، لے نہ خودی کا نام،
خودی سے کیا ہے کام، ناداں! چھوڑ خودی کو۔