Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُون ڀائِي جوڳِي ٿِئو، لائي…
- (بيت) جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين…
- (بيت) جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ…
- (بيت) جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ…
- (بيت) جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو،…
- (بيت) جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن…
- (بيت) جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ…
- (بيت) جيڪي جوڳُ مَ پاءِ، نان…
- (بيت) جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ…
- (بيت) جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ري،…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ،…
- (بيت) رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا…
- (بيت) سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ…
- (بيت) نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو…
- (بيت) ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ…
- (بيت) ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا،…
- (بيت) ھِي ڪَنَ گاڏُھان وِڪِڻِي، ڪَنَ…
- سُر رامڪلي جَي جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ جو بيت
لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ،
اوري ڪَرِ مَ آسِرو، پَري پيرُ مَ پاءِ،
جَنھِن جِي جاءِ نَہ ماءِ، وانءُ تَنھِين سين واڳِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 75 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي ڪاپڙي (راھ جا پانڌيئڙا) لاهوت جي منزل ڏانھن وڌي هل، هي باھ جون دونھيون دکائڻ اجايون آهن. تون ويجهو توڻي پري وارين شين ۾ اميد ۽ آسرو نہ ڪر ۽ نہ وري اجايو پري پرديس جا سفر ڪر. تون انهيءَ (راھ جي رهبر) سان پاڻ کي وابستہ رک، ان سان اميدون ۽ آسرا رک، فقط انهيءَ جي يادگيري (عبادت) ۾ مشغول رھ. هو هر هنڌ تنھنجي مدد ڪري سگهي ٿو.
[مثنويءَ ۾ پير مرشد جي انهيءَ روحاني مرتبي جي هيئن سمجهاڻي ڏني ويئي آهي:
دست پيراز غائبان کوتاه نيست،
دست او جز قبضهء الله نيست.
(دفتر اول، ب- 2975)
معنيٰ: مرشد جي هٿ (فيض) کان غير حاضر بہ محروم ناهن. ڇو تہ هن جي هٿ تي بيعت گويا خدا جي هٿ تي بيعت ڪرڻ آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2591
لَنکِّہ لَاهُوْتَا ڪَاپَرِيْ دُنْھِيٌ ڪٖيْمَ دُکَاءِ﮶
اُوْرٖيْ ڪَرِمَآَسِرُوْ پَرٖيْ پٖيْرُ مَپَاءِ﮶
جَھْجِيْ جَاءِ نَمَاءِ وَاءُ تَهٍ سَا وَاکِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
लंघु लाहूतां कापड़ी। दूंहियूं कीम दुखाए।
औरे करि म आसरो। परे पेरु म पाए।
जंहिं जी जाए न माए। वांउ तंहीं सें वागि॒ओ।
ROMAN SINDHI
Langh'u lahootaan kaaprri, doonhiyoon keem'a dukhaa'e,
Oare kar ma Aasiro, pare per'u ma paa'e,
Jenhn jee jaae na maae, waun'u tanheen seen waaggiyo.
TRANSLATIONS
O nomad! Push through Lahut. Do not kindle a fire there, (i.e. do not halt or settle down there.) Do not expect your goal (union with Allah) to be so near. Hence do not hesitate from continuing your journey, however, tedious it may be. To facilitate the latter better join those who have no relative or abode. (Join them who have renounced the world.)
کیسی دھونی کہاں کے جا گوئے
دل میں سوز و گداز پیدا کر
بڑھ کے لاہوت سے بھی کچھ آگے
سیر حاصل کوئی نظارا کر
قرب و دوری فریب ہیں جوگی
اپنے سینے کو طور سینا کر
نیستی ہی ثبوتِ ہستی ہے
مر کے شانِ ثبات پیدا کر
شہر لاہوت کی فضا سے وہ
رشتۂ زیست جوڑ دیتے ہیں
حسرت و یاس ہوں کہ وہم و گماں
سب صنم خانے توڑ دیتے ہیں
جانے کیوں پھینک دیتے ہیں ناقوس
اور کشکول چھوڑ دیتے ہیں
کیوں تو رمائے دھونی رکھ لاہوت سے آگے گام،
غیر کا کیوں ڈھونڈے ہے سہارا، غیر سے کیا یہ کام،
اس کا دامن تھام، جن کا دنیا سے نہیں تعلق۔