Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُون ڀائِي جوڳِي ٿِئو، لائي…
- (بيت) جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين…
- (بيت) جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ…
- (بيت) جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ…
- (بيت) جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو،…
- (بيت) جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن…
- (بيت) جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ…
- (بيت) جيڪي جوڳُ مَ پاءِ، نان…
- (بيت) جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ…
- (بيت) جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ري،…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ،…
- (بيت) رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا…
- (بيت) سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ…
- (بيت) لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو…
- (بيت) ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ…
- (بيت) ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا،…
- (بيت) ھِي ڪَنَ گاڏُھان وِڪِڻِي، ڪَنَ…
- سُر رامڪلي جَي جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ جو بيت
نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي لاءِ،
جِندا تِيئَن جاڳاءِ، جِيئَن سا آتِش آبُ ٿِئي.
رسالن ۾ موجودگي: 116 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي جوڳي، تون پنھنجي اندر ۾ نفي ۽ نيستيءَ جي باھ دکاءُ. اي لاهوتي، تون عشق جي آڳ کي وڌيڪ تيز ڪر. تون اها باھ ائين وڌاءِ ۽ تيز ڪر جو اها باھ پاڻي ٿي پوي!
[مثنويءَ ۾ هن ڳالهہ کي زور ڏيئي سمجهايو ويو آهي تہ جيستائين گرمي ۽ پاڻي، يعني آسماني بجلي ۽ بادل گڏ نہ ٿيندا ۽ برسات نہ ٿيندي تہ بھار ۾ گل ڪيئن ٽڙندا ۽ ڌرتي سائي پوشاڪ ڪيئن پھريندي. اڳتي چوي ٿو:
تا نباشد برق دل و آب دو چشم،
کي نشيند آتش تهديد و خشم.
(دفتر دوم ب 1655)
معنيٰ: جيستائين دل تي کنوڻ نہ کنوندي ۽ ٻنهي اکين جا نار نہ وهندا، تيستائين غصي ۽ ڪاوڙ جي باھ ڪيئن وسامندي! اها اندر جي آتش يا باھ ئي تہ آهي جيڪا ڳوڙهن جي شڪل ۾ پاڻي بنجي اکين مان ٻاهر نڪري ٿي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2592
نِسُوْرِيَائِيْ نَاہِ جِيْ دِلِم﮼ دُوْہٍ پَاءِ﮶
جَا آَدٖيْسِيْ عَشْقَس﮼ سَا لَاهُوْتِيْ لَاءِ﮶
جِندَّا تِنْ جَاکَاءِ جِنْ سَا آَتَشْ آَبُ ٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
निसोरियाई नांहि जी। दिलि में दूंहीं पाए।
आणे आगि॒ अदब सें। बा॒रे जानि जलाए।
जा आदेसी अश्क़ सें। सा लाहूती लाए।
जिंदा तीअं जागा॒ए। जीअं सा आतशि आबु थिए।
ROMAN SINDHI
Nisoro'ee naah'e jee dil me donheen paa'e,
Aanne Aagg adab'a seen, Baare jaan jala'e,
Ja Aadesi ishQ'a seen, sa lahooti laa'e,
Jinda teean jaagga'e, jeean sa Aatishh Aab'u thiye.
TRANSLATIONS
Be an embodiment of love. Kindle a dull glow of it in your heart. Then bring the flame of love, intensify the glow and get yourself consumed therein. O heart of mine! The fire (of love) burning within you should be intensified to such a degree that out of sheer heat, exhaustion, it may act as a tranquilizer like water.
شب فى قلبك دخان الغرام.
وأضرم نار الحب وألق نفسك فيها واحترق،
يا حيوانا حيا! اعمل كي تكون النار الماء.
اپنے سوز و گداز کا عالم
جانے کیوں خلق سے چھپاتے ہیں
کوچۂ شوق کی گدائی میں
مدعاے حیات پاتے ہیں
یہ خدا دوست اپنے تن من کو
آتشِ عشق میں جلاتے ہیں
گر یہ چاہے کہ تو بنے جوگی
تیرِ غم قلب میں اتر جائے
جسم ہو جائے نذر سوزِ دروں
آتشِ شوق کام کر جائے
کیوں نہ بن جائیں اس کے سارے کام
جس کی اللہ پر نظر جائے
جس سے بن جائے آگ بھی پانی
کاش مل جائے تجھ کو ایسا گیان
پریم کی دھونیاں رما دل میں
ڈال دے اس چتا میں اپنی جان
جوگی یار نفی کی، دھونی من میں رما،
لے آ اگنی عشق کی، تن من تو سُلگا،
یوں تو خود جلا کر، آگ ہوجائے پانی۔