ماءِ بابت
معنيٰ
امان، اَمِي، اَمڙ، ماتا، والدہ، مادر، جِيجل، ڄڻيندڙ، ڄڻڻي، جنني، آئِي. آيَل.
Mother, mom, mummy.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اَڄُ جَهمَڪِي ماءَ، ھِينئَڙو مان ڪورُ ٿِئو، جُهوپي ۾ نَہ سَماءِ، صَحيُ مَڙَندو سَڄَڻين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ، مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سودو اِھوئِي سَفِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ، وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ، ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- ثابِتُ لَنگهِئا سِيرَ، لَهِرِنِ لوڏِئا ڪِينَ ڪي، وَڃِي پَھتا پارَ کي، نِرتو مَنجهان نِيرَ، ماءِ پَھتا مِيرَ، ٻارِ لَنگِهئائُون ٻاجَهہ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي، موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي، کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- وَڻِجاري جِي ماءِ، وَڻِجارو نَہ پَلِيين، آيو ٻارَھين ماھَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبَھي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- کُوھَنِ سِرِ وانئُٽِيُون، وانئُٽِيَنِ سِرِ گَهنڊَ، کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ سامُونڊِي آيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- موٽَڻَ کان اَڳي مَران، موٽِي مَران مَ ماءِ، لُڇَي لالَڻَ لاءِ، شالَ پُوندِيَسِ پيرَ تي.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو ھِڪِڙو، مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ، ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان، واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ، تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- لَڪِيُون آن لَڳا، ڪِ پَلَؤَ پانڌِيَنِ جا، تُھان گَهڻيرو ماءِ، رُوَندا اُوءِ رَتُ وِئا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن، مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن، ڇيڙي وِڌِيَسِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ، جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ، سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ، ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مَيو مَري مَ ماءِ، وَڳُ ويڳاڻُون مَ ٿِيي، جَهِين جي اُھاءِ، چَڙَھان چِٽاڻي ڪَنڌِيين.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي، رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ، تَنِي جِي ساڃاءِ، تُرَھو ٿِيندِي…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پيرُ پَرُوڙي پاءِ، گَنجي ۾ گُنَ گَهڻا، کاھوڙِي کَرا وِئا، نَہ ڪا اوڏِي ماءِ، جَنِي ڏِٺِي جاءِ، تَنِي موٽَڻُ ميهَڻُو.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڪِينَ ٿِيين ڪِي نَہ ڪِئوءِ، وَڃِي ڪِينَ ڪَماءِ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، جوڳِي سَڀَ جَلاءِ، سامِي پوءِ سَلِينداءِ، ڳالِهہ پِريان جي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ خيرُ کِين، يَهْدِي اللهُ لِنُورِہِ مَن يَشَاءُ ، اِيءَ اِنهين لَئي آھِ، صُحبَتَ تُنھِنجِي سَيِّدُ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ، اوري ڪَرِ مَ آسِرو، پَري پيرُ مَ پاءِ، جَنھِن جِي جاءِ نَہ ماءِ، وانءُ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- گُرَ جَا ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون گهَڻو سُونھاءِ، نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- آيَلِ سَنگهارَنِ سين، جيڪا گهاري ماءِ، توڻي ھوءِ اَوڳُڻِي، تَہ بِہ رُکو مُورِ نَہ کاءِ.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ، ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ، اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو…[ سُر ڏھر - وايون ]
- جَنِي ھيڪَلِي ڀيرِئو، تَنِي ميڙِئو ماءِ، تَندُ اِھَڙِي ساءِ، مُون آتَڻِ ھَڏِ نَہ اُڄَهي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- مَڇُڻ ڀاڳَ ڀَرُ ڏيِين، ڪَتُ ڪَبَندِي آءُ، جَڏھِن تَڏِھِين ماءِ، ڀِرَنِ ڀيرَمَ وارِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- وييُون ڪَنھِن وِڳَھَ تَڙِ، ڀيرا ڀَڃِي ماءِ، آتَڻَ مَٿي اُسِرِي، آيَسِ اُنِين لاءِ، تِئان ھِتِ نَہ ڪا، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِيئَن پِڃِئو، ھَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪَنِي مَنجهان ناھِ، صُباحَ وِچِ وِھانءِ، ڪاٿَي ھُوندو ڪَنِ سين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سُتي جَا ساڃاءِ، سا جاڳَندي نَہ ٿِيي، تِھان پوءِ مُون ماءِ، نيڻَ ھيرايا نِنڊَ سين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ کي ڏِجِ مَ ڳَلُ، تُو ھُماءِ ڏي ھَلُ، شِڪرو ساڻُ کَڻِي.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان، ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو بَندُ نَڪو ٻِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان، عُمَرَ تو…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ماڙِنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي، مارُنِ لاءِ، ڪَرَلَھَندا ڪَڏِھِين، مُنھِنجِي اَچِي ماءِ، سانبِيَڙا سَنداءِ، ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي، تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي، ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي، قَيدالماءِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين، گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ، سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- نانگَنِ سَندي نِجُهري، پيرُ پَرُوڙي پاءِ، تُنھِنجِي جاءِ نَہ ماءِ، اُتِ جُنگَنِ جي جوکو ٿِئي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- ڪاري ڪُرُ لَڄي، جي اَڻَ ڪَڄاڙِئو کاءِ، ڄاڙِيان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهاءِ، اُتي اُو ساماءِ، جِتِ رَتِي ناھِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]