Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن وائيءَ جا مُکيہ اِسم
- سُر سارنگ جَي وايون جي وائِي
گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ،
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن،
اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ کي، لوڪان لِڪِي رانِئن،
ڪُونجَ ڪُڻِڪي مورُ جُڻڪي، پَپيھَلَ پِيَ پِيَ ڳاءِ،
سَڄَڻُ آيو مان ڳَري، جِيئَڻُ مُون جُڳاءِ،
ڪيرَ موھِيندي وَلَهو، ڏيئِي ٻانھَن ڳَرا،
ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، سَوِزَ ھَٿَ سَنداءِ،
اُڀِي اَلِيمِ ايتِرو، ھِتِ ٻَہ شاھِدَ گُذِرِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي امان، اي امان، اڄ منھنجي اندر ۾ سڄڻ لاءِ سانوڻ جي مينھن جھڙي تانگهہ ۽ طلب آهي. مون کي سندن ياد ڏاڍو پيئي ستائي. مٿي ماڙيءَ اندر ڏيئي جي سُھائي آهي، پر ٻاهر وڏڦڙو پيو وسي (برسات جو وڏو آواز پيو اچي). اهو ئي موقعو آهي جو مان پنھنجي پرينءَ کي لڪي ڇپي (جيئن لوڪ لکا نہ پوي) راضي ڪنديس. چوڌاري ڪونجن ۽ مورن جي ٻولڻ جا آواز پيا اچن ۽ پپيھل پکي پڻ مٺڙي ٻولي پيو ڪري. منھنجو سڄڻ مون وٽ اچي ويو آهي. مون کي کلي خوش ٿيڻ ٺھي ٿو (ان کان وڌيڪ مون کي ٻيو ڇا کپي). مون کان سواءِ ٻيو ڪير منھنجي ور ۽ ڀتار کي پيار سان پنھنجو ڪندو ۽ هن جي ڳچيءَ وٽان ٻانھن ڏيئي قرب ونڊيندو؟ (اهو ڪم مون کي ئي تہ سونھي ٿو.)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
घणू घुरिजनि माइ। अजु॒ घुर्चनि माइ।
सज॒ण सांवण मींहं जीअं।
ऊचीअ माड़ीअ डि॒यो ब॒रे। बा॒हरि फुड़ीअ ठकाउ।
आऊं पंहिंजे पिरींअ खे। लोकां लिकी रानिअं/रांइं।
कूंज कुणिके मूरु चुण्के। पपेहल पीउ पीउ गा॒इ।
सज॒णु आयो मां ग॒रे। जीअण मूं जुगा॒इ।
केर मोहींदे वलहो। डे॒ई बां॒हं ग॒रा।
टिमनि नेण रतु वहे। सविज़ हथ संदाइ।
उभी अलीमि एतिरो। हिति ब॒ शाहिद गुज़िरिआ।
ROMAN SINDHI
Ghano gurjahn maa, aj gurjhan maa,
Sajan sawan meinhun jein,
Onchi marhi diyo bhare, bahir Phuri Thaka,
Aun pehnje pireen khe lokaan likee raaen,
Koonjh kanki mor jhanke, papehal pee pee gah,
Sajan ayo maan gharii, jein moon jhughaa,
Kair mohindi wilho, dei Bhaan gharha,
Timan nerhn rat wahi, soor hath sandha,
Ubhi alyem etro, hitt ba shahid guzra.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
