سَنِيھو بابت
معنيٰ
سنديسو، نياپو، محبت جو پيغام، سلام.
A message, note, love letter, memo, a word.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَٿَ ٻَڌِي ٻيئِي، پيرين پانڌِيَنِ کي پَوي، سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري، مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري، اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو، ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ، تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي…[ سُر راڻو - وايون ]
- جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ، ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سي نَہ سُڻِينِ، اَندَرِ جٖي آھِينِ، سُڻُ سَنِيھو تَنِ سين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- سُورَنِئُون صافُ ٿِئو، تَنُ پَسِي تو کي، وَتِين تُون ويرِکِڙا، ڇانڀُنِ ڀَرِ ڇوکي، ڏِيلَُ ڇڏِئو تو ڏوکي، سَنِيھو سُڻائي سَڄَڻين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- آءُ ڪانگا ٻَھُ ڪولِ، سُڌِيُو ڏي ساڻيھَ جُون، جي آندَئِي عَجِيبَنِ جا، سي خَطَ خُوشِيءَ مان کولِ، آئُون سُڻان تُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَنھِن تَڙِ ڏيھائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينھَڙا، مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويھِي ڪَرِ وائِي، آئُون اَڳَ ڍائِي ، مَنَ سَنِيھو…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]