سَنِيھو جي سنڌي معنيٰ
سنديسو، نياپو، محبت جو پيغام، سلام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A message, note, love letter, memo, a word.
سَنِيھو جا بيتن ۾ حوالا
ھَٿَ ٻَڌِي ٻيئِي، پيرين پانڌِيَنِ کي پَوي،
سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 35 ]
سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 35 ]
نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو،
ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ،
تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي مَنجهان ھيجَ،
جِيئَن آن ڀيرو نَہ ڪِئو، تِيئَن مان مُئِي سُڻيجِ.
[ سُر راڻو، وايون، 1 ]
ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ،
تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي مَنجهان ھيجَ،
جِيئَن آن ڀيرو نَہ ڪِئو، تِيئَن مان مُئِي سُڻيجِ.
[ سُر راڻو، وايون، 1 ]
ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري،
مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري،
اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 2 ]
مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري،
اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 2 ]
جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ،
ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ،
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، اسارو ”آئُون“ چُئين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 19 ]
ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ،
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، اسارو ”آئُون“ چُئين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 19 ]
ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سي نَہ سُڻِينِ،
اَندَرِ جٖي آھِينِ، سُڻُ سَنِيھو تَنِ سين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 25 ]
اَندَرِ جٖي آھِينِ، سُڻُ سَنِيھو تَنِ سين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 25 ]
سُورَنِئُون صافُ ٿِئو، تَنُ پَسِي تو کي،
وَتِين تُون ويرِکِڙا، ڇانڀُنِ ڀَرِ ڇوکي،
ڏِيلَُ ڇڏِئو تو ڏوکي، سَنِيھو سُڻائي سَڄَڻين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 20 ]
وَتِين تُون ويرِکِڙا، ڇانڀُنِ ڀَرِ ڇوکي،
ڏِيلَُ ڇڏِئو تو ڏوکي، سَنِيھو سُڻائي سَڄَڻين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 20 ]
آءُ ڪانگا ٻَھُ ڪولِ، سُڌِيُو ڏي ساڻيھَ جُون،
جي آندَئِي عَجِيبَنِ جا، سي خَطَ خُوشِيءَ مان کولِ،
آئُون سُڻان تُون ٻولِ، سَنِيھو سَڄَڻَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 29 ]
جي آندَئِي عَجِيبَنِ جا، سي خَطَ خُوشِيءَ مان کولِ،
آئُون سُڻان تُون ٻولِ، سَنِيھو سَڄَڻَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 29 ]
ڪَنھِن تَڙِ ڏيھائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينھَڙا،
مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويھِي ڪَرِ وائِي،
آئُون اَڳَ ڍائِي ، مَنَ سَنِيھو سُڻِي جِيئان.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 2 ]
مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويھِي ڪَرِ وائِي،
آئُون اَڳَ ڍائِي ، مَنَ سَنِيھو سُڻِي جِيئان.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 2 ]
English Meaning
A message, note, love letter, memo, a word.