جوڳَ بابت
معنيٰ
ميلاپ، وصل اُپائيندڙ سان، مراقبا، ڌيان، سَماڌِي. ڌيان ڄمائي روح سان ملي وڃڻ. ذڪر فڪر ذريعي معرفت حاصل ڪرڻ جي حالت. جوڳي فقيرن جا زُهد، تَپسيائون.
The duty of a jogi, devotion, religious meditation, union with the deity by means of abstract contemplation.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَٺين ڏِينھِن اُڀِي وِئا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ ، سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ، ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين پَچارُون جوڳَ جُون، ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون، سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ، وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ، ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ، جِندا جوڳُ مَ پاءِ، ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ، پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- کَڻُ گودَڙُ ٻَڌُ گَبرِي، کانءِ مَ کِدائُون، جِندا وَڃِي جوڳَ سين لَھِجِ ڪِي لائُون، اِيئَن ڪوھُ اُتائُون تَہ سِڱِيُون شامَتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نَہ نَمائينِ، جاٽا ڪَنِ نَہ جوڳَ کي، جوڳُ نَہ جُھارينِ، اُھِڃاڻِيُون آڻِينِ، آديسِي اِلَماسَ جُون.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]