ڪُوڙِيُون جي سنڌي معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙ، ڪُوڙ ڳالهائيندڙ، جُوٺيون، ڪُساکيون، ڪَذاب، کوٽيون. فريبي، دغابازَ. جعلي، مصنوعي، بناوتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Untrue, lying, a liar, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere. By mere report, with doubtful accuracy.
ڪُوڙِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي تَرِن،
سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 38 ]

جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ،
سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 3 ]

جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀائِينِ وِکڙِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 4 ]

گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون،
وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون،
جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 24 ]

ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ نَہ ڏورِينِ ھِتَھِين،
جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 13 ]

آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي،
وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ،
سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 13 ]

لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو،
اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ،
لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌنِ ڪَکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 11 ]