ٻيا بيت
- سُر آبڙي جَي ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ جو بيت
اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾،
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
سمجهاڻي
سسئي اَويلي وقت ۾ هيڏانھن هوڏانھن پيئي هلي ۽ ڏينھن توڻي رات جا اٺ ئي پهر اوجهڙا پيئي وڃي. ڏير هن سان دشمني ڪري جبلن ۾ رولي هليا ويس. عبداللطيف چوي ٿو تہ هوءَ سج لھڻ کان پوءِ بہ پٻ جبل ۾ پنهونءَ جا پيرا پيئي ڳولهي ۽ جانچي. اي مالڪ سائين! سسئي ويچاري جيڪا مھل ڪمھل پيئي پنڌ هلي، ان کي پنھنجي هوت پنهل سان ملائج.
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 191
اُجٖيْ مُنڌَ اَوٖيْرَ اَٽَئِيْ پَهْرَ آَٽَم﮼﮶
وِئَسِ وٖيْرِيَپُوْ ڪَرٖيْ ڎُنکَرِ ڇَڎٖيْ ڎٖيْرَ﮶
لَرٖيْ سِڃِہ لَطِيْفُ چٖيْ پَٻَ نِهَارٖيْ پٖيْرَ﮶
ڪَھِيْ جَا ڪُوٖيْرَ سَاهَادِيْ مٖيْرِي﮼ هُوْتَکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उझे मुन्ध अवेर। अठ ई पहिर आट में।
वियसि वेरियपो करे। डूं॒गर छडे॒ डे॒र।
लड़िए सिजि लतीफ़ चए। पबि॒ निहारे पेर।
कही जा कुवेर। सा हादी मेड़ियें होत खे।
ROMAN SINDHI
Ujhhi mundh'a aver'a, athhaee pahar'a aatt'a mayn,
We'yas'ay wereepo karay, ddoongar'a chhadday dder'a,
Larriyaee sij'ay Lateef'u chae, paB'ay nihaaray, per'a,
Kahee ja ku'veer'a, saa haadi merriyeen hot'a khhay.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection