ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي موٽ ۽ پرچ راڻا جو بيت
اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ جهوڪي،
ساھُ مُنھِنجو سُپرين، راڻا وَھِيين روڪي،
سِڪان ٿِي تو کي، مُنھُن ڏيکارِجِ مَينڌَرا.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3785
اَنکَّنِ آَنٖيْ ڪَرَهُوْ ڄَلٖين وِہُ جُوْڪٖيْ﮶
سَاہُ مُھْجُوْ سُپِرٍ رَانَا وَهٖيْ رُوْڪٖيْ﮶
سِڪَان ٿِيْ تُوْکٖيْ مُهْ ڎٖيْکَارِجِ مَئِدَرَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अङणि आणे करहो। झले विहु झोके।
साहु मुंहिंजो सुपिरीं। राणा वहियें रोके।
सिकां थी तोखे। मुंहुं डे॒खारिजि मेंधरा।
ROMAN SINDHI
Angann Aanne karaho, Jhalee wih'u Jhoke,
Saah'u muhinjo supireen, raanna waheen roke,
Sikaan thi tokhe, munhun Dekharij mendhara.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection