ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ جو بيت
اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي لَکَ،
پايو پِٽِينِ ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ،
پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَہ سوڍِيُون سِجهائِي ھَلِئا.
سمجهاڻي
هو لاهوتي (وڏيءَ منزل وارا سالڪ) سوين هزارين (مومل جھڙيون) سهڻيون عورتون هتي ڇڏي پاڻ اڳتي هليا ويا. ڪاڪ جون اهي مالڪياڻيون هاڻي ڪک مٿي ۾ وجهي پيون پٽين ۽ پار ڪڍي ويھي روڄ راڙو ڪن. اهي (پاڪ صفت عاشق) پاڻ انهن اميرزادين کي عشق جي امتحان ۾ اڌ مئو ڪري حال کان بيحال ڪري ويا.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3700
اِهَرِيٌ اُوْرٖيْڇَڎِيْ وِئَا لَاهُوْتِيْ لَکَہ﮶
پَايُوْ پِٽِيْنِ وٖيْٽِيٌ ڪَاڪِ ڌَڃَانِيٌ ڪَکَہ﮶
پٖيْئِيْ اِيَ پَرَکَہ تَسُوْڊِيٌ سِجَائٖيْ هَلِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
इहड़ियूं ओरे छडे॒। विआ लाहूती लख।
पायो पिटीनि वेठियूं। काकि धञाणियूं कख।
पेई ईअ परख। त सोढियूं सिझाई हलिआ।
ROMAN SINDHI
Ahrriyoon ore chhaDe, wiya lahooti lakh'a,
Payo piteen wethiyoon, kaak dhanjaniyoon kakh'a,
Peyi aee'a parakh'a, ta sodhiyoon sijhaee halya.
TRANSLATIONS
These ascetics by-passed millions of such (attractive) women on their way and they continued their journey towards the goal (i.e. Allah). The mistresses at Kak mourned the departure of these persons by putting straw pieces in their hair. Every body, of course, came to know that the Sodhis were caused travails of separation by the above party.
Leaving behind millions of them the divines went away,
The mistresses of kaak now beat their breasts and putting ash in their hair,
It was later learnt that they had wounded all the Sodhees.*
دیکھ بانکیاں روپ شنگاری ڈلہارتی نادائی
روون پئیاں کاک حُسینا سورچ گھا پائی
سڑی مومل وچ جُدائی رمتا ھویا رانا
مومل جیسی لاکھوں سندر، چھوڑ چلے لاہوتی،
وہ جو کاک محل کی مالک، آج سبھی ہیں روتی،
بات سبھی نے سمجھی، رنگ دیا سوڈھل نے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection