ٻيا بيت
- سُر سھڻي جَي پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو جو بيت
آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا جَنِ،
تَڏِھِين رَسِئا تَنِ، ميھَڻا مُحِبَ ميھارَ جا.
سمجهاڻي
جڏهن عشق وارين اڳتي بچاءَ جا وسيلا هٿ ڪري اُنهن تي آسرو ڪيو، تڏهن انهن کي (واقعي) محبوب ميھار طرفان (غير تي ڀروسي ڪرڻ جا) طعنا مليا.
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1548
آَکَهَ عِشْقَ وَارِي﮼ جَڎِہْ کَيَا جَنِ﮶
تَڎِہْ رَسِئَا تَنِ مِيْهَنَا مِھَارَ جَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आग॒ह इश्क़ वारियें। जडि॒हीं खंया जनि।
तडि॒हीं रसिआ तनि। मीहणा मुहिब मेहार जा।
ROMAN SINDHI
Aag'ha Ishq'a Waaryen, Jad'heen Khanya Jann,
Tad'heen Rassya Tann, Mehnraan Muhibb'a Mayhaar'a Jaa.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection