ٻيا بيت
- سُر معذوري جَي سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ جو بيت
اَصلِ اَنگُ سَندونِ، وَھِي جيڏاھِين وِئو،
ڪِھَڙو ڏوھُ ڏِبونِ، سو مُنھُن آيو ساٿِيين.
سمجهاڻي
(سسئي ڏيرن لاءِ ٿي چوي) هنن جي باري ۾ قضا جي قلم اصل کان ائين لکي ڇڏيو هو، جنھن سان هنن کي منھن ڏيڻو پيو. (هنن تڏهن ائين ڪيو، جو مون کي ڇڏي ويا)، انهيءَ ڪري هنن کي ڪھڙو ڏوھ ڏبو يا انهن تي ميار جو ڪھڙو حرف رکبو.
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 264
اَصْلَا اَنکُّہ سَندُوْنِ وَهِيْ جٖيڎَاہٍ وِئُوْ﮶
ڪِهَرُوْ ڎُوْہُ ڎِبُوْنِ سُوْ مُهُ آَيُوْ سَاٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
असलि अंगु संदोनि। वही जेडा॒हीं विओ।
किहड़ो डो॒हु डि॒यूनि। सो मुंहुं आयो साथियें।
ROMAN SINDHI
Asal'ay ang'u sandoon'ay, wahi jeddaanhee'n wi'o,
Kiharro ddoh'a ddiboon'ay, so munh'u aayo saathi'en.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection