ٻيا بيت
- سُر کنڀات جَي چنڊ جو بيت
اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ،
چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.
سمجهاڻي
اڌ رات جي اونداهيءَ ۾ جڏهن محبوب پنھنجي سونھن جو جلوو ڏيکاريو تہ (حسن جي انھيءَ زوردار تجلي ۾) چنڊ ۽ تارا سڀ ڍڪجي (غائب ٿي) ويا.
[مثنويءَ ۾ پڻ محبوب ۽ چنڊ جو گڏيل ذڪر ڪيترن هنڌن تي ملي ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو:
بي تو مارا بر فلک تاريکي است،
باتو اي ماه اين فلک باري کي ست.
(دفتر اول، ب- 587)
معنيٰ: اي (سونھن جا چنڊ) توکان سواءِ سڄو آسمان اونداهو آهي. پر اي چنڊ، تنھنجي مقابلي ۾ هي آسمان ۽ نکٽ ڇا ٿيندا آهن؟ (انھن جي ڪھڙي مجال آهي!)]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1309
اُنْڌَاهِيَ اَڌَ رَاتِم﮼ پِرْيَ پَسَائِيُوْ پَانُ﮶
چَنڊُ ڪَتِيُنِ سَانُ پٖيْھِيْ وِئُوْ پَرْلَاوَ م﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ऊंदाहीअ अध राति में। पिरींअ पसायो पाणु।
चंडु कतींनु साणु। पेही विओ पड़िलाअ में।
ROMAN SINDHI
Oondaahi'a adh raat me, pireen'a pasayo paann'u,
chand'u katiyan'u saann'u, pehi wiyo parrla'a me.
TRANSLATIONS
The beloved showed himself in darkness at midnight. All the constellations alongwith the moon receded into oblivision (i.e. disappeared).
موزون در گمان صبح بانگ صبح بردارو
چوں ناگہ آں مہ من درشب مہتاب برخیزو
(Nawab Sufi)
The muazin calls the faithfuls to the morning prayers mistaking my beloved’s face during night as the dawn light, when he suddenly gets up
It was pitch dark when the beloved showed up,
The moon with all the Pleiades disappeared.
ادھیں راتیں سوہنے نے جد مونہہ توں پردا لاہئیا
چن تارے سبھ کھسکے اگوں، امبریں مُنہ چُھپایا
جب آدھی رات کو اس نے دکھایا نقابِ رخ اٹھا کر اپنا چہرہ
قمر نے کہکشاں کو ساتھ لے کر لگایا نیلگوں دریا میں غوطہ
پی نے دکھلائی تھی صورت، بھیگ چلی جب رات،
مان ہوئے تھے تارے سارے، چاند ہوا تھا مات۔
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection