ٻيا بيت
- سُر کنڀات جَي چنڊ جو بيت
آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ،
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
سمجهاڻي
: اي چنڊ، آءٌ تو کي جيڪي نينھن جا نازڪ نياپا پيو ڏيان اُهي سنڀالي سوگها ڪري پنھنجي پاند ۾ ٻَڌ. تون نھايت نھٺائي ۽ نوڙت سان منھنجي حبيب کي (سڄو سربستو) احوال (گوش گذار ڪج) ٻڌائجانءِ. اي چنڊ (تو کي خبر آهي) تو اُها واٽ ورتي آهي، جنھن طرف هن سڄي جھان کي (شفاعت جو) آسرو ۽ اميد آهي.
[مثنويءَ ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جو چنڊ جي حوالي سان ڪيترن طريقن سان ذڪر ملي ٿو. ’يا ايها المزمل‘ جي عنوان تحت چوي ٿو:
بدر بر صدر فلک شد شب روان،
سير را نگذارد از بانگ سگان.
(دفتر چهارم، ب- 1464)
معنيٰ: چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان جي سيني تي پنھنجي رفتار سان هلندو آهي. اهو هيٺ ڀؤنڪندڙ ڪتن (ڪافرن) جي ڪري پنھنجو هلڻ ڇڏي نٿو ڏئي.]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1241
اٰءٌ جٖيْ ڎِي﮼ سَنِيْھَرَا چَنڊَ پَلَىءِ ٻَنڌُ﮶
چَئِجِہ حَالُ حَبِيْبَ کٖيْ نٖيْئِيْ نَوْرَائٖيْ ڪَنڌُ﮶
تُوْ تٖيْڎَاہٍ پَنڌُ جٖيْڎَاہَ عَالَمَ آَسِرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आऊं जे डि॒यईं सनीहड़ा। चंड पलअ ब॒धु।
चइजि हालु हबीब खे। नेई नूड़ाए कंधु।
तो तेडां॒हीं पन्धु। जेडां॒हं आलम आसरो।
ROMAN SINDHI
Aaon je deyaeen saneehrra, chandd pala'u badh,
Chaij haal'u habib khy, neyi niwrraye kandh'u,
To tedahen pandh'u, jedahn aalam aasiro.
TRANSLATIONS
O moon! Tie in the hem of your shirt (i.e. preserve well) whatever messages I give to you for my beloved. Inform him about me humbly and respectfully. You should know that you are on your way to him who is the anchor of the mankind.
ھمہ برتست توکل کہ عمادی و عمیدی
(Roomi)
On you alone is our reliance. You are our sole mainstay and refuge.
Whatever messages I give you, remember them all,
Tell him my condition by bowing before him,
You are on way to the one who is the anchor of mankind.
جو سینہا دیاں میں چنا پلے بنھ کے رکھیں
سیس نِوا کے اوس دے اگے کُل حقیقتاں دسیں
تیں وی آونا اوسے رستے جدھر جگ آدھارا
تڑپتے ہیں دل میں رموزِ معانی
کہاں ہے مرا رازدارِ محبت
مری خانہ ویرانیوں کی قسم ہے
کبھی آ بھی جا اے بہارِ محبت
میں جو دوں پیغام اے چندا! لے پَلُو میں باندھ،
کہنا حال حبیب سے میرا، سر نہوڑا کر چاند!
اور سبھی کچھ ماند، جگ کا تو ہی سہارا ہے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection