ٻيا بيت
- سُر ڪارايل جَي پاڙين پاتار ۾ جو بيت
اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ،
سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ،
مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو جَنِ سين.
سمجهاڻي
اي ڀؤنر، تون اڏامي وڃ جو سج اڀرڻ وارو آهي. تون پوئين رات جو اٿي پنھنجي دل ۾ ڪنول گل جي چوڌاري ڪنڊن بابت صحيح سوچ ويچار ڪر. ڪٿي ائين نہ ٿئي جو جن گلن سان تنھنجو عشق آهي، اهي تنھنجي ويھڻ کان اڳ ٻوٽجي يا ڪومائجي وڃن ۽ تون (جُدائيءَ ۾) پنھنجي سر تان آسرو کڻي ويھين.
گنج ۾، سرود ڪارايل، بيت نمبر : 3965
اُڎَاءُ آَڎِتُ اُڀَرِئُوْ وَاءُ وِهَانِيَ ڀُوْرَ﮶
سٖيْ چٖيْتَارِجِ چِتَم﮼ جٖيْ ڪَنڊَّا ڌَارٖيْ ڪُوْرَ﮶
مَتَا مَارِيْنٖيْىءِ ٽُوْرُ تُوْ لىءُ لَکُوْ جَنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उड॒उ आडि॒तु उभिरिओ। वांउ विहाणीअ भऊंर।
से चेतारेजि चित में। जे कन्डा धारे कऊंर।
मतां मारीनई टऊंर। तो लउं लगो॒ जनि सें॥
ROMAN SINDHI
UDa'u AaDt'u ubhriyo, waan'u wihaannee'a bhaunr'a,
Se chetaarej chit'a, me, je kanDHa dhare kaunr'a,
Mataan mareenayi ttaunr'a, to lan'un laggo jan seen.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection