ٻيا بيت
- سُر کنڀات جَي وايين جي وائِي
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، يااللهَ مُون مُسافِرَ سُپِرِين،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
سمجهاڻي
اي الله سائين، آءٌ (هنن کان سواءِ) ڪيئن جيئري رهي سگهان ٿي جو منھنجا سپرين مسافر آهن ۽ هو مون کي ڇڏي ويا آهن. مان هاڻي ڇا ڪريان ۽ ڪيئن ڪريان
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1329
اٰءٌ جِيَدِيْ ڪِيَّ يَا اَلَا مُنْ مُسَافِرَ سُپِرٍ﮶
مُنْـکٖيْ ڇَڎٖيْ هَلِئَا هَانٖيْ ڪَرِيَان ڪِيَّ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आऊं जीअंदी कीअं। या अल्लाह मूं मुसाफ़िर सुपिरीं।
मूं खे छडे॒ हलिआ। हाणे करियां कीअं।
ROMAN SINDHI
Aaoon jein'dey kein'n Ya Allah moon musafir'a supreen,
Moon khey chaDe hal'ia, haane karya'an kein'n?
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
Lexical Density of this Vaa'ee
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection