ٻيا بيت
- سُر رامڪلي جَي آديسي ۽ مينا طور سينا جو بيت
آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون آھِين،
وِھو وِھائِينِ، ڪا قَضاني راتِڙِي،
سمجهاڻي
اي جيجان، هنن جوڳين جون اکيون پوريءَ طرح ننڊ ۾ لڳل ناهن (کين پوري ننڊ آهي ئي ڪانہ يعني ننڊ ۾ هنن جون اکيون پوريءَ ريت بند ناهن). هو تمام ورلي قسمت سان ڪا رات ويھي گذارين ٿا (نہ تہ هو سدائين انهيءَ حالت ۾ رهن ٿا)
[عارفن جي اهڙي حالت جو بيان روميءَ هن طرح ڪيو آهي:
خواب مي بينند دو آنجا خواب ني،
در عدم درمي روند و باب ني.
(دفتر سوم، ب-3555)
معنيٰ: اهي اوليا بيداريءَ جي حالت ۾ خواب ڏسن ٿا، ڇو تہ هو ننڊ نٿا ڪن. هو عدم جي ملڪ ۾ گهمن ڦرن ٿا، جتي کين ڪا روڪ ٽوڪ ناهي.]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2718
آَيَلِ آَدٖيْسِيَنِ جِيٌ اَندَّ لَـکِيْ آَهِيْنِ﮶
وِهُوْ وِهَائِيْنِ ڪَا قَضَان﮼ رَاتَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आयलि आदेसियनि जूं। अध लगि॒यूं आहीन।
विहो विहाईनि। का क़ज़ाने रातिड़े।
ROMAN SINDHI
Aayal Aadesiyan joon, adh'a laggiyoon Aaheen,
Wiho wihaeen, ka Qazaani raatrri.
TRANSLATIONS
O mother! The eyes of the ascetics are half open. They rarely pass the whole night sitting. (after midnight they resume their contemplation and worship.)
آدھی کھلی ہیں آنکھیں، امن حال، ان آدیسیوں کی،
کوئی رات ہی ہوگی ایسی، جو بیٹھ گذاری ہو۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection