ٻيا بيت
- سُر حسيني جَي وڳ قطارين ۽ ڪاروُن جو بيت
آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي نَہ ڪَرِيو،
سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي،
ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.
سمجهاڻي
(سسئي وڻن ٽڻن سان مخاطب آهي) آءٌ مس (گهڻي مشڪل سان سڄڻ جي) ويجهو پھتي آهيان. توهين اهي ڊيڄاريندڙ هيبت وارا آواز نہ ڪريو.(مون کي وڌيڪ نہ ڊيڄاريو). هيءَ (ضعيف) عورت جيڪا لڪن ۾ هلي هلي لاچار ٿي ويئي آهي، اها ڪيترو جيئري رهندي. هوءَ تہ پنھنجي ڪوهياري پرينءَ لاءِ وڏي جوش جذبي سان پھاڙن ۾ اچي پيئي آهي.
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 703
آَيَسِ ڪٍ اُوْڎييْ وَنَا وَائِيْ نَڪَرِ هُوْ﮶
سَا مُنڌَ جِيَدِيْ ڪٖيْتَرُوْ لَڪَنِ جَا لُوْڎِيْ﮶
ڪُوْهِيَارٖيْ ڪُوْڎِيْ ڇُلِيْ پٖيْٽِيْ ڇَپَر﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आयसि की ओडी॒। वणा वाई न करियो।
सा मुनध जीअंदी केतिरो। लकनि जा लोडी॒।
कोहियारे कोडी॒। छुली पेठी छपरें।
ROMAN SINDHI
aayas'ay ki aoddi wannaa waaee na kariyo,
saa mundh'a jee'andi ketiro, lakan'ay ja loddi,
kohiyaari koddi, chhuli pethhi chhapareen.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection