ٻيا بيت
- سُر سارنگ جَي آگمجڻ جو بيت
اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ اَڄُ،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.
سمجهاڻي
اڄ عاشق جي مٿان (الله جي مهربانيءَ سان) مندائتي مينھن جو وڏو وسڪارو ٿيو آهي. اي (خلق کي ڏکوئيندڙ) آزاريندڙ، تون ڀڄي پري ٿيءُ جو مينھن (خدا جي رحمت) پنھنجو مُنھن ڏيکاريو آهي (برڪت واري برسات شروع ٿي ويئي آهي).
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1849
اُٽُوْ اُوْهِيْرَا ڪَرٖيْ مَٿٖيْ عَاشِقَ اَڃُ﮶
ڎُوْرِ ڎُکَندَا ڀَڃُ مِيْهَنِ مُهُ ڎٖيْکَارِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उठो ओहीरा करे। मथे आशिक़ अजु॒।
डूरि ड॒खंदा भजु॒। मींहनि मुंहुं डे॒खारिओ।
ROMAN SINDHI
Utho oheera karey, mitti ashiq ajj,
Door dukhunda bajh'u, meihen mohan dekhaaryo.
TRANSLATIONS
Rain is pouring on the lover today. Avaunt O You, the patron of famine! the rain is within sight, (nay, it is actually pouring).
It rained in torrents on the lover today,
Scram you, famine maker, clouds are within sight.
برکھا ہجر کے ماروں پر، ٹوٹ کے برسی آج،
بھاگ ذخیرہ کرنے والے، آنگن بھرے اناج۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection