ٻيا بيت
- سُر سھڻي جَي مينھين، چاھڪ، کرڪن جو بيت
ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
سمجهاڻي
سهڻي وڇن جي ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجهي (ڳراٽڙي پائي) پيئي روئي ۽ انهن کي ويٺي چوي تہ جيڪڏهن توهين وڃي (ڍؤ تي) ڪانھن (جو گاھ) کائو تہ جيڪر آءٌ انهيءَ خوشيءَ ۾ پاڻ کي ويھي ميندي لايان. وري جڏهن آءٌ توهان جي ڍاپڻ جو آواز (ٽاڏون) ٻُڌنديس تہ انهيءَ جي ڪري آءٌ وڌيڪ سرهي ٿي پيئي گهمنديس.
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1784
وٖيْٽِيْ رُوْءِ وَڇُنِسَا کِچِيَ پَايُوْ ٻَاہَ﮶
لَايَان لَعْلَ لِکَنِکٖيْ اَءٍ جٖيْ چَرُوْ ڪَاہَ﮶
آَءٌ اَوَاهِجِيَ وَاہَ سَندَا ڀُوْنَا سَنِرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेठी रोइ वछुनि सां। ग॒चीअ पायो बां॒हं।
लायां लाल लिङनि खे। अईं जे चरो कांह।
आऊं अवहां जीअ वाह। सदा भुणां सनिरी।
ROMAN SINDHI
Wethhi roo'ay wachhun'ay saa'n, ggichi'a paayo Baanhan,
Laayaa'n laal'a langin'ay khhay, a'eyen jay charo kaanh'a,
Aaun awihaa'n ji daanh'a, sadaa bhunnaa'n saniri.
TRANSLATIONS
She encircled the necks of buffalo calves and wept amidst them. She told them that she would decorate them with gems if they took the feed of 'kanh' grass. She further told them that she always enjoyed their bellows and felt happy there at.
Note: There is no doubt that there is a natural fundamental urge to love the 'Beloved'. But this love is composed of a chain of subservient loves. The 'Lover' must love every object that brings him nearer to his 'Beloved' or at least reminds him of Him. The association of Suhni with Mehar's buffaloes, therefore, was quite natural.
Her arms around their necks she sat with calves and cried:
I make my body red by rubbing the grass that you eat,
Hearing your bleats always makes me happy.
مجھاں دے گل بانہاں پاکے روواں زارو زاری
پیار نظر وچ چُگدیاں مجھاں پر میں کرماں ماری
میں وی سد سناں جے اوس دی سو سو شگن مناواں
بیٹھی نیر بہائے، وہ بھینسوں کے پاس،
میں تو انگ ملوں گی وہ جو، تم کھاؤ گی گھاس،
من میں جاگے آس، جن سنوں آواز تمہاری۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection