ٻيا بيت
- سُر حسيني جَي سُور ۽ ڏکن ماري جو بيت
وِئا وَرائي جيڏِيُون، مُون ڏُکِيءَ کي ڏُکَ،
ويٺِي سارِئان سُکَ، ھيڪاندِيءَ ھُئامِ جي.
سمجهاڻي
اي جيڏيون سرتيون! مون کي ڏک ئي ڏک وڪوڙي ويا آهن (مان ڏکن عذابن جي حوالي ٿي ويئي آهيان). انهيءَ ڪري اهي سک ۽ خوشيون پيا ياد اچن، جيڪي پنهونءَ سان گڏجي مون کي نصيب ٿيا هئا.
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 301
وِئَا وَرَائٖيْ جٖيڎِيٌ مُنْ ڎُکِيَکٖيْ ڎُکَہ﮶
وٖيْٽِيْ سَارِيَان سَکَہ هٖيْڪَاندِيَ هُئَامِ جٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विआ वराए जेडि॒यूं। मूं डु॒खीअ खे डु॒ख।
वेठी सारिआं सुख। हेकांदीअ हुआमि जे।
ROMAN SINDHI
wi'aa waraae jeddiyoo'n, moo'n ddukhi'a khhay ddukhh'a,
wethhi saari'aa'n sukhh'a, hekaandi'a hu'aam'ay ji.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection