ٻيا بيت
- سُر يمن ڪلياڻ جَي حبيب ۽ طبيب جو بيت
واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي،
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
سمجهاڻي
اهي گهايل ۽ وڍيل (عاشق) هر وقت سور ۽ سختين ۾ گذارين ٿا ۽ سندن چپن تي اهائي ڳالهہ آهي، پر (ان جي باوجود) سندن دل ۾ جيڪا اصلي مراد آهي سا ڪنھن کي بہ نٿا ٻڌائين. ڇا بہ ٿئي (ڪيڏا بہ سور سھن) پر آخرڪار هو پنھنجو مقصد ماڻين ٿا.
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1150
وَاڊُوْرِئَنِ وَائِيْ سَدَا آَهٖيْ سُوْرَ جِيْ﮶
جٖيْڪَا اَٿِنِ مَنَم﮼ سَلَنِ نَسَائِيْ﮶
اُوْرَڪِ اِهَائِيْ کُوْلِئُوْ ڎِسَنِ کَالَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वाढोड़ीनि वाइई। सदा आहे सूर जी।
जेका अथनि मन में। सलिन नह साइई।
ओड़क अहिआई। ॻोलिअओ ॾिसनि ॻाल्हिड़ी॥
ROMAN SINDHI
WaDhoiyan’e vaai, sada aahy soor’a ji,
Jeka athan’e mann’a men, salan’e na saa’ee,
AuRak’a ehaa’ee, Goleo Dissan’e GalihRee.
TRANSLATIONS
The love-stricken persons always smart under the restlessness caused to them due to the love-affiliation. They quietly bear it in their mind. They do not betray it or its cause to others. Whatever the diversions, they revert to the old story of their love and keep it fresh.
The wounded cry all the time in pain,
What is deep in their heart, they never share with others,
Though many diversions, they finally revert to that which is in their heart.
عشق دے کوھے، درد غماں دے ہوکے بھردے رہندے،
وچ خموشی گُٹے ریہندے دل دی گل نا کِہندے
اوڑک لبھ نہی لیندے سرڑی، گجھا بھیت عشق دا۔
تذکرے کشتگانِ شوق میں ہیں درد کی دلنواز لذت کے
لبِ خاموش اس کے شاہد ہیں ہیں وہ راز آشنا محبت کے
جو ہیں پریت کے گھائل وہ تو، درد کی بات سنائیں،
کیسا روگ لگا ہے اُن کو، اور کو نہ بتلائیں،
آخر ڈھونڈ نکالیں، جو ہے انکے من میں۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection