ٻيا بيت
- سُر کنڀات جَي ڪرھو، چانگو، اٺ جو بيت
وَڏَپَڻَ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو،
کُوءِ ٻَنِ پَلاڻِئا، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي.
سمجهاڻي
وڏي عمر (پڇاڙيءَ) ۽ ان کان سواءِ واءُ (جھڙين بيمارين) اچي اٺ کي ورتو آهي ۽ هاڻي اٿڻ ويھڻ کان بہ لاچار ٿي ويو آهي. ايترو ڪمزور ٿي ويو آهي جو پلاڻ (جا سينگار ۽ بار) وڃي کڏ ۾ پون. پر هي تہ بنا پلاڻ جي (اگهاڙي پٺيءَ) بہ اٿي نٿو سگهي (هنڌان چُري نٿو سگهي).
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वड॒पण एं वाउ। करहे खाडो॒ खोड़िओ।
खोइ ब॒नि पलाणिआ। ओलाणिओ न उथिये।
ROMAN SINDHI
Wadpann aen wa'o, karahy khado khorryo,
Khoo'e ban palanniya, olaanno na uthye.
TRANSLATIONS
Due to hail storm the camel refuses to get up. It is useless to harness him, as even without it he refuses to get up.
Note: In this verse the second stanza is replaced as under as per Mr. Trumpp’s edition, because it reads well and makes better sense:
It is raining heavily and windy, camel has stuck his neck on ground,
How can I bride him, he is not getting up even without bridle.
مینہہ دھاریں تے ہو طوفانی، اُوٹھ نا دھرنیوں ہِلے
اٹھدا نہیں اولانا کداں رکھ پلانا چلے
اب تامل نہ ہو ذرا اس میں
دیکھ اے میری ناقۂ غمخوار
سامنے ہے رہِ دیارِ حبیب
رات پر کیف راستہ ہموار
میرا ناقہ بیٹھ گیا ہے، ہر سو باد و باراں،
کیسے پلان میں ڈالوں یہ تو بن پلان ہے گریزاں۔
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection