ٻيا بيت
- سُر سھڻي جَي سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري جو بيت
واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين،
پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ،
جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.
سمجهاڻي
(سهڻيءَ جو درياھ کي پاراتو) اي درياھ! شل تنھنجو گهڻي پاڻيءَ سان وهڻ بند ٿي وڃي (تہ جيئن) خشڪ ٿي ننڍيون ٻيٽاريون بنجي وڃين ۽ آءٌ تنھنجي وچ ۾ (سُڪل زمين تي) لاڻي جا ٻوڙا ۽ ليار جا ڊگها وڻ بيٺل ڏسان. (اها بددعا ان ڪري نڪتي آهي جو) تون سڄي عمر يا هميشه کان وٺي محبت جي آس ۽ اُميد وارين کي ٻوڙيندو رهيو آهين.
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1721
وَاهُرَ وَہ﮼ مَشَالَ ڤِٽِيْ ٻٖيْـلَاٽُوْ ٿِي﮼﮶
پَسَان تُھْجٖيْ پٖيْٽَم﮼ لَانَا لُوْتَ لِيَارَ﮶
جِهْ تُوْ سَڀَ ڃَمَارَ آَسَائِتِيٌ ٻُوْرِےٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वाहुड़ वहें म शाल। फिटी बे॒लाटियूं थियें।
पसां तुंहिंजे पेट में। लाणा लूत लियार।
जिअं तो सभ ज॒मार। आसाइतियूं बो॒ड़ियूं।
ROMAN SINDHI
Waahurr'a wahee'n ma shaal'a, Phitti Belaattiyoo'n thi'yen,
Pasaa'n tunhinji pett'a mayn, laanna loot'a liyaar'a,
Jee'en to sabh'a jjamaar'a, aasaitiyoo'n Borryoo'n.
TRANSLATIONS
O river! May you cease to flow, then dry up and be converted into small barren islands with abundant alkalani shrubs like Lano and trees like Lut and Liyar growing on them! (You deserve this metamorphosis as) you have all your life drowned lovers who were yearning for union with their beloveds.
O river, may you not flow any more, may you dry up into islets,
May I see your bed grown with Laano,* Loote,* Liyaar,*
For you have all your life drowned the hopeful lovers.
سُک جاویں دریاوا شالا، جھاڑیاں بن جائیں توں
لانا، لُپت، لیار نوں، تیرے پیٹ چ ویکھاں موں
ساری حیاتی توں، ڈبوئیاں ہن امیداں والیاں
تیرا ویہن بریتا بن جے سُک جاون سبھ دھارے
اُگے کاہی تے سرکنڈا لانا(٭) لوتی(#) لیارے($)
ڈوبے تیں کئی صادق سالک تینوں رس نا آیا۔
(٭) - (#) - ($) = لانا، لوتی، لیارے = جھینڈ جھاڑیاں بوٹے وغیرہ
اب جہان تو ہے ریگ زار بنے
خشک دیکھوں میں تیرے دھاروں کو
کوئی آفت ملا کے ایک کرے
دور افتادہ ان کناروں کو
تو نے اے جوے آب، غرق کیا
جانے کتنے امیدواروں کو
سوکھ جائے اے دریا! ختم ہو سب سیلاب،
تجھ میں جنگل اُگ آئے اور، ذرا رہے نہ آب،
پریت سے جو بے تاب، تونے اُن کو غرق کیا ہے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection