ٻيا بيت
- سُر ڪاپائتي جَي چائت ۽ محبت جو بيت
وييُون ڪَنھِن وِڳَھَ تَڙِ، ڀيرا ڀَڃِي ماءِ،
آتَڻَ مَٿي اُسِرِي، آيَسِ اُنِين لاءِ،
تِئان ھِتِ نَہ ڪا، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ سين.
سمجهاڻي
اُهي ڪتڻ واريون ڪنھن مصيبت سبب اهو ماڳ ڇڏي الائي ڪيڏانھن غائب ٿي ويون، جو هينئر اچڻ جو ڀيرو ئي نٿيون ڪن. مان کين آتڻ ۾ ڏسڻ لاءِ هر هر سنڀري اچان ٿي پر انهن مان ڪابہ هتي نظر ڪانہ ٿي اچي، جن سان مان پاڻ گڏ ويھي ڪتيندي هيس.
گنج ۾، سرود ڪاپائتي، بيت نمبر : 2917
وٖيْيٌ ڪَهِ وِکَهَ تَرِ ڀٖيْرَا ڀَڃِيْ مَاءِ﮶
آَتَنَ مَٿٖيْ اُسِرِيْ آَيَسِ اُنٍ لَاءِ﮶
تِئَا هِتِ نَڪَا آَتَنِ ڪِتُمِ جَنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेयूं कंहिं विग॒ह तड़ि। भेरा भञी माए।
आतण मथे उसिरी। आयसि उनीं लाए।
तिआं हिति न का। आतणि कितुमि जनि सें॥
ROMAN SINDHI
Weyoon kenhn wiggah'a tarr, bhera bhanjee maa'e,
Aatann'a mathe usree, Aayas uneen lae,
Tiyaan hit na ka, Aatann kitum jan seen.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection