ٻيا بيت
- سُر ڏھر جَي اڄ گهرجين تُين جو بيت
والِي وَڳَ مَ ڍارِ، ھِنَ پَرائي ديسَ ۾،
چِيھو چِلَڙُ چِڪَ ٿِي، وَڳَ اِتائِين وارِ،
ڏِئُمِ ڪالَهہ پَرارِ، لاکو لوڙائُنِ سين.
سمجهاڻي
اي اٺ چاريندڙ ڍاٽي (ڍٽ جا رهاڪو) هن پرائي پرديس ۾ پنھنجا اٺ نہ آڻ، ڇو تہ هتي چيھو گاھ گپ چڪ (آلي مٽيءَ جي گپ) ۾ (لاکي جي لوڙين ڪري) لتاڙجي خراب ٿي ويو آهي. تنھنڪري تون پنھنجي اُٺن جو وڳ واپس وٺي وڃ. اڃان مون ڪالهہ پرئين پاسي لاکي کي ساٿين سوڌو ڏٺو آهي.
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 3019
وَالِيْ وَنکُّہ مَڊَارِ هِنَ پَرَائٖيْ دٖيْسَم﮼﮶
چٖيْهُوْ چِلُرُ چِڪَّ ٿِيْ وَنکَّہ اِتَاءٍ وَارِ﮶
ڎِٽُمِ ڪَالَ پَرَارِ لَاکُوْ لُوْرَائُنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वाली वग॒ म ढारि। हनि पराए दैस में।
चीहो चिलड़ु चिक थी। वग॒ इताईं वारि।
डि॒उमि कालह परारि। लाखो लोड़ाउनि सें॥
ROMAN SINDHI
Walee wagg'a ma Dhhaar, hin'a parae des'a me,
Cheeho chillarr'u chik'a thee, wagg'a itaeen waar,
Diu'm kaalh'a paraar, laakho lorraaun seen.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection