ٻيا بيت
- سُر مارئي جَي زمر زخرف سومرا جو بيت
وَرِئو وَرَقَ وِصالَ جو، موڪَلَ ٿِي مُون،
لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَـهَا ، تَنَ ۾ تُونھِين تُون.
مَنَ مَنجهان را مُون، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
سمجهاڻي
(مارئي ٿي چوي) مارن سان ملڻ جو موقعو نصيب ٿيڻ وارو آهي جو مون کي (عمر طرفان) اهڙي اجازت ملي آهي. دريائن ۽ سمنڊن مان تازو گوشت ۽ جنسار (ماڻڪ موتي وغيرہ) ڪڍو ٿا ۽ پھريو ٿا (قرآن جي آيت سورة فاطر). ٻين لفظن ۾ ٿر جو تازو طعام ۽ صاف سٺو سادو لباس پهريو ٿا. گويا منھنجي اندر ۾ تون مالڪ پاڻ ئي آهين. منھنجي من اندر منھنجو دلبر دوست ماروءَ جو ديرو ئي آهي.
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3391
وَرِئُوْ وَرَقُ وِصَالَجُوْ مُوْڪَلَ ٿِيْ مُنْ﮶
لَحْمًا طَرِّيًا وَّ تَسْتَحْزِ جُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا تَنَم﮼ تُنْهٍ تُنْ﮶
مَنَ مَنجَارَا مُنْ مَارُوْ ڃَامُ مَلِيْرُ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वरओ वरक़ विसाल जो। मोकल थी मूं।
लह्मन तरियन व तस्तख़्रिजून हिल्यतन तल्बिसूनहा। तन में तोंहीं तूं॥
मन मन्झां रा मूं। मारो जा॒मु मलीर जो॥
ROMAN SINDHI
wari'o waraq'a wisaal'a jo, mokal'a thi moo'n,
LaHman Tariyan Watastakhrijoon'a Heelyatan Talbasoonahaa, tan'a mayn toonhee'n too'n,
man'a manjhaa'n ra moo'n, maaroo jjaam'u Maleer'a jo.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection