ٻيا بيت
- سُر آبڙي جَي سڀ ڪجهہ سندي اندر جو بيت
ويئِي سُونھَن سَسُئِيءَ جِي، پُنهون ٿِيَسِ پاڻَ،
سَڀَنِي جِي سَيِّدُ چئَي، آھي اِتِ اُماڻَ،
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.
سمجهاڻي
جڏهن سسئيءَ جي سونھن جو خاتمو ٿيو، تڏهن هوءَ پنهون ٿي پيئي. عبداللطيف چوي ٿو تہ سڀني جو ماڳ (اصل) اهو ئي آهي (جتي سڀني کي پھچڻو آهي). ڀنڀور (هن جھان) جا خيال ۽ سوچون محبوبن سان ملڻ لاءِ پاڻ رنڊڪ آهن.
[روميءَ جي فڪر مطابق عاشق ۽ معشوق دراصل هڪ ڳالهہ آهن، اهي جدا ناهن، بلڪ اهي گڏ هئا ۽ آهن جيئن آئيني ۾ عڪس، تڏهن تہ منجهن اهو تعلق پيدا ٿئي ٿو. رومي هن نڪتي کي ڪيترن ئي مثالن ذريعي سمجهائي ٿو.
هڪ هنڌ چوي ٿو:
ويسه و معشوق هم ذات تست،
وين برونيها همـﮣ آفات تست.
(دفتر سوم-229)
معنيٰ: محبوب ۽ معشوق سڀ تنھنجي ذات آهي، ٻاهر جيڪي ڪجهہ آهي، اهو سڀ تون لاءِ مصيبت آهي.]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 520
وٖيْئِيْ سُوْہَ سَسُئِيَ جِيْ پُنُوْہُ ٿِيَسِ پَانَ﮶
سَڀَنٍ جِيْ سَيِّدُ چٖيْ آَهٖيْ اِتِ اُمَانَ﮶
بَنڀُوْرَ جَا ڀَانَ آَڎَا عَجِيْبَنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेई सूंहं ससुईअ जी। पुन्हूं थियसि पाण।
सभनी जी सयदु चए। आहे इति उमाण।
भंभोर जा भाण। आडा॒ अजीबनि खे।
ROMAN SINDHI
We'ee soonh'a Sassui'a jee, punhoo'na thiyas'ay paann'a,
Sabhanee jee Sayyad'u chae, aahay it'ay umaann'a,
Bhanbhor'a ja bhaann'a, aaddaa ajeeban'ay khhay.
TRANSLATIONS
Sasui lost her individual identity and got assimilated in that of Punhoo. Syed says: "All human beings have eventually to return to Him.. That is their goal. In fact the affiliations and connections of Bhambhore (i.e. this world) are an impediment in the way of unity with Allah".
As He created you, so shall you return (to Him). (29, AI-Aaraf).
Sasui's beauty disappeared, she herself Punhoon became,
Latif says that is everyone's ultimate aim,
Bhanbhore's ties are hurdles in our path where we may fall
لقد زال جمال سسئي وأنا سسئي صرت بنفسي بنهون.
السيد /الشاعر عبد اللطيف يقول هو مسكن النهائي للإنسان.
(كل شيء يرجع إلى أصله) علاقات بنبور (أي الدنيا) هي حواجز عوائق بين سسئي وبنهون حبيبها.
السيد الشاعر: يقول: أن علاقات الدنيا هي تشغل الإنسان من حب اﷲ عز وجل.
حُسن سسی دا گیا گواچا پنوں روپ وٹایا
جد کد آونا ایس مقامے سید نے فرمایا
بن کے کندھ بھنبور کھلوتا سی ساڈے وچکارے
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection