ٻيا بيت
- سُر ڪلياڻ جَي يڪتائي جو بيت
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ اِيءُ ھيڪِڙائِي حَقُ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.
سمجهاڻي
’الله‘ هڪڙو آهي ۽ هن جو ڪوبہ شريڪ ناهي. وحدانيت (توحيد) جو حق ۽ سچ ۽ اصل اهوئي (يقين) آهي. باقي جيڪي دوئيءَ کي چنبڙيا (ٻيو ڪو ويساھ رکيو) تہ اهي بيشڪ ڀليل ۽ گمراھ آهن.
[مثنويءَ ۾ توحيد جي سمجهاڻي ڏيندي، رومي چوي ٿو:
چيست توحيد خدا آموختن، خويشتن را پيش واحد سوختن.
در من وما سخت کردستي تو دست، هست اين جمله خرابي از دو دست.
(دفتر اول، ب- 3011 ۽ 12)
معنيٰ: خدا جي توحيد جو ڇا مطلب آهي؟ پاڻ کي ان واحد هستيءَ ۾ فنا ڪرڻ آهي، پر تون ’مان ۽ تون‘ واري ٻيائيءَ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهين. مطلب تہ اها ساري خرابي ٻن وجودن (پاڻ کي ذات کان الڳ رکڻ) ۾ آهي.]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 952
وَحْدَہُ لَاشَرِيْکَ لَهُ اِيُ هٖيْڪِرِيَائِيْ حَقُّ﮶
ٻِئَائِيَ کٖيْ ٻَکُہ جَنِ وِڌُوْ سٖيْ وِرْسِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वह्दहु ला शरीक लहु। ईउ हेकड़ाईअ हक़्क़।
ॿियाईअ खे ॿख्खु। जनि विधो से विरसिया॥
ROMAN SINDHI
Wahadahu La Shareek’a Lahoo, ee’u hekRaee’a haqq’a
Biyaee’a khe Bakh’u, jann’e widho sy wirsiya.
TRANSLATIONS
He (i.e. Allah) is Unique and without a partner. It is His signiticant and unflinching claim in respect of Oneness. (That too is the basic fundamental of faith for the Muslims). Those persons who clung to their belief in duality or polytheism went astray without doubt.
And Allah has ordered not to have two gods for worship.” There is only one Allah for worship. Hence fear Me alone . (51, Al-Nihl)
Tell them that Allah is the Creator of everything and He is the Unique, the Dominant . (16, Al-Raad).
"There is no God but Allah " He is one and only,
This faith's sound test be, Repenting losers are followers of duality.
He be one, no kith no kin has He,
This faith's sound test be,
Repenting losers are followers of duality.
"He is One and no one shares His Oneness", is the only truth,
Whose adopted duality went stray and lost the path.
وحده لا شريك له، هذه حقيقة التوحيد.
وبهذا يبصر الحق. الذين إعتنقوا بالشريك
(أي الذين يشركون باﷲ) هم الضالون والنادمون والمارقو ن.
وحده لا شريك له، هذه حقيقة التوحيد،
الذين إعتنقوا بالشرك
(أي الذين يشركون بالله)،
هم الضالون والنادمون .
بدانی حق وحدت، وحدہ ھم لاشریک لہ،
دوئی ھر کہ آگوش آورد آن بہ نقصان شد
بہ یکتائی میانِ عبد و معبود است یکجائی
زید آزاد آن بندہ کہ اینحا پا بہ جولان شد
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، ایہو ای کلا حق
دُوئی نوں لیا جپھ، جہنے اوہ پشیمان تھیا
وحدَہٗ لا شریک دے اُتے سچا صدق لیائیں
جیکر لایا غیر نوں چھاتی، پے جاسیں گمراہیں
وحدہٗ لا شریک شرطِ وفا رہِ ہموارِ منزلِ توحید
جس کسی نے دوئی کو اپنایا اپنی منزل سے ہو گیا وہ بعید
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، یہ ہے حق یکتائی،
منزل کبھی نہ پائی، دوئی میں جو الجھ گئے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ ٺاٺ
ٺاٺ: ڪلياڻ (پاڻ ئي آھي) ڳائڻ لاءِ ھن راڳ جي بيھڪ يمن ڪلياڻ جي آھي.
سُرن جي بيھڪ: سا ري گا ما پا ڌا ني سا
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection