ٻيا بيت
- سُر آسا جَي من، گولو ۽ جنڊ جو بيت
واڳِئا جي وَجَهہ سين، رَبُ نَہ سُڃاڻَنِ،
ميڙِيان ميڙِيان ڪَنِ، اِيءَ ميڙَ مُهَندِيَنِ ڪَڏِھِين.
سمجهاڻي
ڪي لالچي مال ميڙيندڙ هرهنڌ ۽ هر صورت ۾ ڏوڪڙن گڏ ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، هو پنھنجي مالڪ رب سائينءَ کي بہ نٿا سڃاڻن. اهي ڏينھن رات ميڙميڙان جي فڪر ۾ آهن، اها ميڙڻ واري لالچ کين ضرور ماري ۽ خوار خراب ڪندي.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वाग॒आ जे वझ सें। रबु न सुञाणनि।
मेड़ियां मेड़ियां कनि। ईअ मेड़ मुहंदियनि कडि॒हीं॥
ROMAN SINDHI
Waggiya je waJh'a seen, rabb'u na sunjannan,
Merriyaan merriyaan kan, aee'a merr'a muhandiyan kaDheen.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection