ٻيا بيت
- سُر سھڻي جَي مينھين، چاھڪ، کرڪن جو بيت
وَڇُنِ سين ويٺِي، سُورَ وِياڇي سُهڻِي،
آن ڪاٿَي ڏيٺِي، مِينھِيَنِ جٖي ميھارَ سين.
سمجهاڻي
سهڻي ميھار جي (پرپٺ) وٿاڻ ۾ پھتي آهي. هوءَ وَڇن سان ويٺي پنھنجا ڏک سور بيان ڪري ۽ انهن کان پيئي پڇي تہ اوهان جي ڪا ميھار سان ملاقات ٿي؟ (مون کي ڏٺي ڏينھن ٿي ويا آهن).
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1785
وَڇُنِ سَان وٖيْٽِيْ سُوْرَ وِيَاڇٖيْ سُوْهَنِيْ﮶
ڪَا اَوَاکٖيْ ڎٖيْٽِيْ مٖيْهِيَنِ جٖيْ مِهَارَ س﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वछुनि सें वेठी। सूर वियाछे सूहणी।
क अवहां खे डे॒ठी। मेंहियनि जे मेहार सें।
ROMAN SINDHI
Wachhun'ay see'n wethhi, soor'a wiyachhi Suhinni,
Aan kaathaay ddethhi, meenhi'yan'ay jay mehaar'a see'n.
TRANSLATIONS
Suhni sat amidst the buffalo calves and confided in them her love for Mehar and the travails of separation from him. She enquired: "did you chance to see Mehar of the buffaloes."
Sitting beside buffalo calves, Sohni shares her suffering s with them,
Have you come across the buffalo-man?
پھر مہینوال اس کو یاد آیا
سوہنی کی پھر آنکھ بھر آئی
جاکے بھینسوں کے پاس کہنے لگی
دیکھتی ہوں تمہاری برنائی
جانتی ہوں یہ میں کہ تم کو بھی
ہے مہینوال سے شناسائی
آئو تم کو گلے لگائوں میں
کم ہو کچھ رنج آبلہ پائی
ساتھ ـ’ڈم‘ کے نہ رہ سکوں گی میں
چاہے کتنی ہو میری رسوائی
آن کے سوہنی بھینسوں سے، کہے ہے دل کا حال،
دیکھا وہ مہیوال، جس سے پریت ہے میری۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection