ٻيا بيت
- سُر سھڻي جَي جيئري، ساھڙ ڌاران جو بيت
وَرُ اُونداھِي راتِڙِي، چانڊوڻِي چَنڊان،
اوري ميھارا، مُنھُن مَ پَسان ڪو ٻِئو.
سمجهاڻي
اونداهي رات ڀلي آهي ۽ کڏ ۾ پوي چانڊوڪي رات جي روشني. ان ڪري تہ جيئن ميھار کان پهرين (اول) ٻئي ڪنھن جو چھرو نہ ڏسي سگهان.
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1760
وَرُ اُنْڌَاهِيْ رَاتَرِيْ چَانڊُوْنِيْ چَانڊَا﮶
اُوْرٖيْ مِھَارَا مُهْ مَ پَسَان ڪُوْ ٻِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वरु ऊंदाही रातड़ी। चांडोणी चांडा।
ओरे मेहारा। मुंहुं म पसां को बि॒ओ।
ROMAN SINDHI
War'u oondaahi ratirri, chaanDonni chanDaa'n,
Aori Mehaara, munh'u ma pasaa'n ko Bi'o.
TRANSLATIONS
The dark night is better than the bright moonlit night, because I will not be able to see another face between me and Mehar.
Better the night be dark and moon's not trace,
I seek nothing else, save Mehar's face.
Let it be a dark night, fie on the bright moonlight,
So that I do not see any face before seeing Mehar.
فلتكن ليلة مظلمة!
وأشعة القمر معدومة وضئيلة فلا أحب أن أرى شكل غير شكل ميهار الحبيب.
واہ واہ رات نہیری چنگی کھوہ وچ پورے چن دی لوء
مُکھ ماہی دا ویکھاں شالا تے ہور نا دیسے کو
چاندنی رات سے کہیں بڑھ کر
شبِ تیرہ کا آسرا مجھ کو
اور کیا دیکھنا ہے دنیا میں
اک مہینوال کے سوا مجھ کو
بجھ جائے اب چاند کی مشعل، سدا ہو رات اوماس،
دیکھوں اور نہ بن ساجن کے، من میں ہے یہ آس۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection