ٻيا بيت
- سُر آسا جَي من، گولو ۽ جنڊ جو بيت
وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي،
آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي،
چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.
سمجهاڻي
سلوڪ واري واٽ ۾ (حق تائين پهچڻ خاطر) دوئي (توحيد جي ضد) پاڻ هڪ قسم جي مدد (ضرورت) آهي. جيئن روشنيءَ جو ضد اونداهي آهي (ڇو جو اونداهيءَ کان سواءِ روشنيءَ جي خبر نہ پوندي). هيءَ ڳالهہ صفا چٽي پيئي آهي، پر انهن کي نظر ايندي يا سمجهہ ۾ ايندي جن جي اکين تي الف يعني توحيد جي عينڪ لڳل آهي. (مطلب هيڪڙائي حق) واري عينڪ مان هيڪڙائي ۽ وحدانيت صاف چٽي نظر ايندي.
[مثنويءَ ۾ اها سمجهاڻي هن ريت ملي ٿي.
آن يکي که زان سوئي و صفست و حال
جُز دوئي نايد بميدان مقال
(دفتر ششم ب 2033)
معنيٰ: اها ذات اهڙي وحدت يا هيڪڙائي آهي جنهن جي وصف ۽ حالت بيان نٿي ڪري سگهجي. لاچار ٿي ٻيائي (هڪ کي سمجهائڻ خاطر ٻن) جو بيان ڪرڻو پوي ٿو.]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3424
وَڎِيْ تَا اِنَ وَاٽَم﮼ ٻٖيْلَپَ ٻِيَائِيْ﮶
آَهٖيْ اُنْڌَاهِيَجُوْ شِرْڪُ سَهَائِيْ﮶
چِٽِيْ چِٽَائِيْ اَلْفَجِيْ عَيْنَڪَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वडे॒ तां इन वाट में। बे॒लप बि॒आई।
आहे ऊंदाहीअ जो। शिर्कु सहाई।
चिटी चिटाई। अल्फ़ जे ऐनक में॥
ROMAN SINDHI
WaDee taan in'a waatt'a me, Belap'a Biyaee,
Aahe oondahee'a jo, shirk'u sahaee,
Chittee chittaee, Alif'a je Ainak'a me.
TRANSLATIONS
Duality is the greatest possible handicap in the correct appreciation of the Reality. Light is the opposite of darkness. Similarly Oneness of the Infinite Being is the opposite of duality or plurality. You have only to use the spiritually clear glasses to see every thing in the correct perspective.
Where with Allah guides those, who seek His good will, to the paths of safety and He leads them, by His will, out of darkness into light, and guides them to the straight path. (16, Maida).
All praise is due to Allah who has created the skies and the earth as well as the darkness and the light; and yet the infidels boost up equals for Allah.
(1, Al-Anam).
جناب حضرت حق را دوئی نیست،
در آں حضرت من وما وتوئی نیست۔
(Roomi)
The personality of Allah brooks no duality. There I, we and you do not exist.
دوئی چون سنگِ راہ ای جان میانِ راہ می آید
نشان راہ ازوی می شود زائل بیک لمحہ
نمایان شرک می باشد بسان شعلہ بتاریکی
تو بینی بیشک اورا گرشوی مائل بیک لمحہ
سفر زیست میں بسا اوقات
پیش آتے ہیں نت نئے حالات
نور و ظلمت میں دائم آویزش
کفر و ایماں میں کشمکش دن رات
لیکن اک حق نگر موحد کو
درحقیقت ہے ایک ہی سی بات
شرک پروردہ قلب آزر میں
پائے جاتے ہیں ایسے احساسات
جن کی تہ میں دوئی نے رکھے ہیں
وصل جاناں کے چند امکانات
جیون کی اس راہ میں، دوئی ہو جب ساتھ،
روشن شرک سے مل جائے گی، تاریکی سے نجات،
سمجھ میں آئے بات، جب لگائے الف کی عینک۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection