ٻيا بيت
- سُر رامڪلي جَي آءٌ نہ جِيئندي ان ري جو بيت
وَٽَنِ ويٺِي آھِيان، ڏِسِئو ڪِينَ ڏِسانِ،
جَنھِن جِھو ئِي ناھِ ڪِي، سا ڪا سُونھَن سَندِيانِ،
پَسِئو ڪِينَ پَسانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
سمجهاڻي
آءٌ هنن جي مجلس ۾ ويٺي آهيان ۽ کين چتائي ڏسان پيئي تہ بہ ڄڻ ڪانہ ٿي ڏسان (ڏسڻ مان ڍؤ نٿو ٿئي). ڏسان پيئي پر ڀانيان تہ کين ڏٺم ئي ڪين، سو وري ڏسان ڄڻ کين نہ ڏٺم. هنن جي سونھن ۽ حسن ۾ ٻيو ڪوئي مٽ ناهي (هو پنھنجي حسن ۾ لاثاني آهن). هنن کي ڏسان پيئي پر اعتبار ڪونہ ٿو اچيم تہ ڪو کين ڏسان پيئي، جنھن ڪري هنن کان سواءِ منھنجو جيئڻ ناممڪن آهي.
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2507
وَٽَنِ وٖيْٽِيْ آَهِيَان ڎِسِئُوْ ڪِيْنَ ڎِسَانِ﮶
جَهِ جِھُوْ ئِيْ نَاهِڪٍ سَا ڪَا سُنْهَ سَندِيَانِ﮶
پَسِئُوْ ڪِيْنَ پَسَانِ اٰءٌ نَجِيَدِيْ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वटिनि वेठी आहियां। डि॒सिओ कीन डि॒सानि।
जंहिं जिहोई नाहि की। सा का सूंहं संदियानि।
पसिओ कीन पसानि। आऊं न जीअंदी उनि रे।
ROMAN SINDHI
Wataan weTheiy aahyaan, dis'ow kein disaan,
Jehan jo'h eiy naah kay, sa ka su'han sanDya'n,
Pas'ow kein pasaan, aaon naa jeindey un'n re.
TRANSLATIONS
I feel as if they are present here and I am sitting with them; but I cannot see them, even though their image is ever present. None can come upto them in handsome-liness. They are peerless. Howsoever even though I perceive their image, they are not actually available. I simply cannot live without them.
In my imagination with them I am, but my eyes see them nor,
Their beauty is unique, peerless they all are.
Looking at them! satiate not without them I cannot live.
أنا جالسة فى صداقتهم بالرغم أنا أرى فلا أرى سواهم شيئا.
جمالهم لا مثيل لجمالهم أراهم ولا أرى سواهم مستحيل أحيىٰ بعدهم.
ان کے ہمسایوں میں رہی لیکن
نہ میسر ہوا مجھے دیدار
پھر بھی طاری ہے دیدۂ و دل پر
ان کے حسن و جمال کا پندار
ہائے ان شوخ جوگیوں کے بغیر
میرا جینا ہے کس قدر دشوار
دیکھنا چاہوں، دیکھ نہ پاؤں، ہوں جن کی شیدائی،
کب ہے اور کسی میں سجنی، اُن جیسی رعنائی،
دیکھا دیکھ نہ پائی، بن ان کے کیا جینا!
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection