ٻيا بيت
- سُر سامونڊي جَي آيا وڻجارا جو بيت
وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون،
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
سمجهاڻي
اڄ ڪانگ (سڄڻ سان) ملڻ جي خوشخبري ٻڌائي ويو آهي، ڄاڻ ٿوريءَ دير ۾ سڄڻ سھي سنڀري (سينگار ڪري) اچڻ وارا آهن، هاڻ سموري اُڻتڻ توڻي انتظار ختم ٿي ويو، جو منھنجا سڄڻ سلامتي سان اچي پھتا.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विओ कांगु कही। वाधायूं विसाल जूं।
इझे सज॒ण आया। डा॒ढे ठाहि ठही।
विपति सभि वई। सेण सलामत आया।
ROMAN SINDHI
Weow kaangh kuheye wadaywon wisaal joown,
Ajheye sajhann aaeya, dadhey naah thaheyi,
Wapatt sabh waeye, seen salamat aayea.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection