ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي ڏِيئا، تيل ۽ مھمان جو بيت
وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ ٻَرِي،
موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي،
راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
سمجهاڻي
(مومل جي زباني) اي منھنجا گهوٽ! تيل سان ڀريل ڏيئي جي وٽ کي هر هر مٿي ڪندي سڄو تيل ٻري ختم ٿي ويو (تنھنجي اچڻ جي اميد پوري نہ ٿي). جدائيءَ جا تازا رسيل زخم ڦري ڦٽ ٿي پيا، جن مون کي پورو پاڳل ڪري ڇڏيو. او راڻا! منھنجي سڄي رات تو لاءِ ائين روئندي رڙندي گذري ٿي وڃي.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वटि सोरींदे वलहा। विअड़ो तेल ब॒री।
मोटु मुसाफ़िर सुपिरीं। चांगे ते चड़िही।
राणे लए रड़ी। वेई विहामी रातड़ीं।
ROMAN SINDHI
Watt soreende walha, wearro tail'u Baree,
Mott'u musafir'a supireen, chaangy te charrhee,
Raanne lae rarre, weyi wihami raatirri.
TRANSLATIONS
"O beloved! I kept (vigil for you by) moving up wicks of the small lamps till their oil was consumed. My beloved traveller! Ride your camel and return to me. The night passed away while I wept for you. O Rano."
Turning of the wicks up consumed all oil in lamp,
Come back my love riding your camel,
Night passed away crying for Raano.
مکا تیل سیکھ دی وٹی میرے رانا راجا
بوتے چڑھ کے میرے سائیں اجا مڑ کے آجا
ساری رات گذاری رو رو تیرے لئی میں رانے
دیپ جلاتے رات، باٹی گئی ہے جل،
موڑ لے اونٹ کی باگ اے رانا، مان لے میری بات،
پو پھٹی پربھات، روتے رین بِتائی۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection