ٻيا بيت
- سُر ڪلياڻ جَي سُوري، ڪاتي ۽ زھر جو بيت
وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺِئو واٽَ وَنءُ تُون،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.
سمجهاڻي
(اي طالب) جيڪڏهن تون (عشق ۾) گهائجي (فنا ٿي) چڪو آهين تہ پوءِ ڀلي اتي (محبوبن وٽ) ويھ. پر جيڪڏهن تون اڃان اڻ وڍيل آهين تہ پوءِ پنھنجو رستو پڪڙ. توکي خبر هجڻ کپي تہ هيءُ اهڙو هنڌ آهي، جتي محبوبن وٽ عاشقن کي ڪهڻ لاءِ هٿ ۾ هردم ڪاتي آهي.
[عاشق جو محبوب جي هٿان ڪسجڻ جو تصور مثنويءَ ۾ اڪثر ملي ٿو. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
جز بدست خود مبرم پاوسر،
که ازين دستم نہ از دست دگر.
(دفتر چهارم، ب- 316)
معنيٰ: اي محبوب، منھنجا پير ۽ مٿو تون پاڻ ڪاتيءَ سان ڪپجانءِ. ڇو تہ مان تنھنجي هٿن ۾ قتل ٿيڻ چاهيان ٿو ۽ نہ ڪنھن ٻئي جي هٿن سان!]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 986
وَڊِي﮼ تَا وٖيْهُ نَتَ وَٽِئُوْ وَاٽَ وَءُ تُنْ﮶
هِيُ تَنِجُوْ ڎٖيْهُ ڪَاتِيْ جَنٍ هَٿَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जां वढीं तां वेहु। न त वठियो वाट वांउ तूं।
हीउ तनीं जो ॾेहु। काती जनीं हथ में॥
ROMAN SINDHI
Jaan wadheen taan weh’u, na ta wathe’o waat’a waa’on toon,
Hee’u taneen jo Deh’u, katee Janeen hath’a men.
TRANSLATIONS
It is settled to behead you, (i.e. you are approved as a lover,) stay on, else go your way. This land belongs to Him who holds the knife in His hand; (and is ready to use it).
Stay if you wish to be slashed, else go away
This land is of those who have knives in their hands.
پھڑ لے راہ عشق دا جیکر، چاء مرن دا آوے
ہر کسے دے ہتھ وچ ایتھے چھری پئی لہراوے
تمہیں بھی جان دینا ہے تو آئو کہ مشتاقِ شہادت صف بہ صف ہیں
یہاں سے کون گذرا ہے سلامت کہ سب اس دیس میں خنجر بکف ہیں
کاٹیں گردہ انگ تو آجا، ورنہ راہ لے اپنی،
یہ ہے ان کا دیس کہ جن کے، ہاتھوں میں ہے کٹاری۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ ٺاٺ
ٺاٺ: ڪلياڻ (پاڻ ئي آھي) ڳائڻ لاءِ ھن راڳ جي بيھڪ يمن ڪلياڻ جي آھي.
سُرن جي بيھڪ: سا ري گا ما پا ڌا ني سا
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection