ٻيا بيت
- سُر سھڻي جَي سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري جو بيت
وَڃي ڪُنَ ڪَپِيندِي، سُهڻِي مَنجهان سِڪَ،
ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسي ھِڪَ، مَحبَتِيءَ ميھارَ جِي.
سمجهاڻي
سهڻي وڏيءَ سڪ ۽ چاهت منجهان ڪُنن کي چيريندي ٻاهر نڪريو وڃي. مٿس ميھار جي محبت (جو ايڏو غلبو آهي) جو ان (درياءَ ۾ هوندي) پنھنجي نڙي بہ آلي نٿي ٿيڻ ڏئي. (يڪ ساهي تري پار پھچي ٿي ويئي)
[مثنوي روميءَ جو هن سلسلي ۾ هيءُ شعر ملاحظه ٿئي:
آب اين دريا که هايل بقعه ايست،
باخمار ماهيان خود جرعه ايست.
(دفتر ششم، ب- 2673)
معنيٰ: هن درياھ جو پاڻي جيڪو هڪ اونهي ۽ خوفناڪ جڳھ آهي، ليڪن مخمور (پاڻيءَ جي عشق ۾) مڇين جي واسطي اهو هڪ ڍڪ يا ڳيت آهي.]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1663
وَنْڃٖيْ ڪُنَ ڪَپِيْدِيْ سُھْنِـےْ مَنجَا سِڪَ﮶
هَڎِ نَہ ڀَکِيَسِ هَڪَ مَحْبَةِيَ مِھَارَ جِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वञी कुन कपींदी। सुहिणी मंझां सिक।
हडि॒ न भगि॒यसि हिक। महबतीअ मेहार जी।
ROMAN SINDHI
Wanji kun'a kapeendi, Suhinni manjhhaa'n sik'a,
Hadd'ay na bhaggiyas'ee hik'a, muHabati'a mehaar'a ji.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection