ٻيا بيت
- سُر آسا جَي ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو جو بيت
وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ پُڻ وِڃاءِ،
لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِئان پُڻ لِڪيجِ تُون.
سمجهاڻي
تون وڃڻ وار حالت کي ڪڏهن بہ نہ ڇڏ (فنا جو اهو رستو وٺ) تان جو تنھنجي وڃڻ (ڪٿي هلي پھچڻ) واري حالت بہ ختم ٿي وڃي. (اهڙيءَ طرح) تون پاڻ کي عام ماڻهن کان بہ گوشائتو ڪر ۽ جيڪي توکان (نفس يا شيطان) لڪل آهن، تن کان بہ پاڻ کي لڪاءِ (بچاءِ).
شاھ لطيف ’وڃڻ کان وڃڻ‘، ’ترڪ کي ترڪ ڪرڻ‘ وغيرہ جھڙا اصطلاح فناءَ الفنا (جتي فنا ٿيڻ جي بہ خبر نہ پوي) جي مفھوم ۾ استعمال ڪيا آهن. روميءَ وٽ بہ اهو انداز ملي ٿو، جيئن هڪ هنڌ ان جي سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو:
گرچ از لذات بي تاثير شد،
لذتي بود او و لذت گير شد.
(دفتر چهارم، ب- 405)
معنيٰ: جيتوڻيڪ هو هر قسم جي لذت کان محروم ٿي ويو، پر اها بي لذتي خود هڪ لذت هئي، جنھن سان هو آشنا ٿي ويو يا کيس ان جي خبر پيئي. مطلب تہ لذت ۾ محو ٿيڻ، يعني خبر نہ پوڻ ئي تہ لذت جي انتھا آهي.]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3456
وَڃِيْ رَسُ وَڃَنَکٖيْ وَنڃَنُ پَنْ وِڃَاءِ﮶
لُوْڪَا پَانُ لِڪَاءِ لِڪِئَا پُنْ لِڪٖيْجِ تُنْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वञी रसु वञण खे। वञणु पुण विञाए।
लोकां पाणु लिकाए। लिकिआं पुण लिकेजि तूं॥
ROMAN SINDHI
Wanjee rass'u wanjann'a khe, wanjann'u punn winjae,
Lokaan paann'u lika'e, likiyaan punn likej toon.
TRANSLATIONS
Cover the full stretch and reach the stage of complete self-annihilation and loss of identity in the Infinite Being. Do all this secretly, nay, with the utmost secrecy, not only from the public but even from the secrecy itself.
از قید خویشین برھانیدہ خویش را،
عنقا صفت زویدۂ مردم نہاں شوید۔
(Mohammad Ali)
Totally release yourself from the fetters of ‘self’. Conceal yourself from others like the fabulous ‘Unka’ bird which has no existence.
قدم بر جادہ بنہادہ بکن گم جادہ را از خود
رسیدہ بر سر منزل ازان کن خوایشتن را گم
بشو پردہ کنان از خلق و خود از پردہ کن پردہ
چنان در کارگاہِ عشق گردان جان و تن را گم
جو بھی اپنی خودی مٹائے گا
دوست اس کے قریب آئے گا
تجھ سے وہ جان جاں جدا تو نہیں
اپنے ہی دل میں اس کو پائے گا
حاصل کر نابود کی منزل، جا نابود سے آگے،
جگ سے خود کو چھپالے اور چھپنے سے بھی چھپ جا۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection