ٻيا بيت
- سُر ديسي جَي ڪيچان آيو قافلو جو بيت
واٽُنِ صَحِي وِئا، وَڻَ مَنجهانِ واسِئا،
ھِھَڙا ھوتَ ھُئا، سُڃَ ڪِئائُون سُرَھِي،
سمجهاڻي
(هڪ لحاظ کان مٿئين بيت جو جواب) هُو پنهل جي قافلي وارا ضرور صحيح واٽ سان ويا هوندا ۽ هُنن جي ڪري رستي جا وڻ بہ واسجي خوشبوءِ وارا ٿي پيا هوندا. منھنجا هوت پنهونءَ وارا اهڙا ئي تہ هئا جن جي گذرڻ سان برپٽ بہ سُرها ۽ خوشبودار ٿي ويا. (اي سسئي) تون اها صحيح واٽ سڃاڻي هل تہ ڪامياب ٿيندينءَ).
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 867
وَاٽُنِ صَحْيُ وِئَا وَنَ مَنجَانٍ وَاسِئَا﮶
هِهَرَا هُوْةَ هُئَا سُڃَ ڪِئَاءٌ سُرَهِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वाटुनि सह्यु/सही विआ। वण मन्झानि वासिआ।
हिहड़ा होत हुआ। सुञ किआऊं सुरही।
ROMAN SINDHI
Waattun'ay Sahi'u Wiyaa, Wann'a Manjhhaan'ay Waasiyaa,
Hiharraa Haot'a Hu'aa, Sunjj'a Kiaa'oon Sura'hee.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection